اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، خيبر پختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ خوارجن طرفان ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي بزدلاڻي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽريفڪ پوليس جي 3 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس تي خارجي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت، 3 اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، خيبر پختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ خوارجن طرفان ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي بزدلاڻي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق گهرو وزير، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽريفڪ پوليس جي 3 اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي شهيد اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان فرض جي راه ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ بهادر اهلڪارن جي لازوال قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ پوري قوم ۽ حڪومت شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي وزير، ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل اهي عظيم قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون ۽ شرپسند عنصرن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو.










