آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم پاران بدين پريس ڪلب جو دورو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن، عوامي رابطن، ميڊيا جي ڪردار ۽ تعليمي توڙي ثقافتي پروگرامن بابت بريفنگ

بدين - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم سيف جسڪاڻي جي قيادت ۾ بدين پريس ڪلب جو دورو ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپن، عوامي رابطن، ميڊيا جي ڪردار ۽ تعليمي توڙي ثقافتي پروگرامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم ۾ عامر راز سومرو،  نجيب الله انڙ ۽ نريندر ڪمار شامل هئا. بدين پريس ڪلب جي دوري دوران آمريڪي قونصليٽ جي ٽيم صحافين …

بدين – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي جي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم سيف جسڪاڻي جي قيادت ۾ بدين پريس ڪلب جو دورو ڪري پاڪ آمريڪا لاڳاپن، عوامي رابطن، ميڊيا جي ڪردار ۽ تعليمي توڙي ثقافتي پروگرامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم ۾ عامر راز سومرو،  نجيب الله انڙ ۽ نريندر ڪمار شامل هئا. بدين پريس ڪلب جي دوري دوران آمريڪي قونصليٽ جي ٽيم صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشنز ٽيم جو مقصد سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام تائين آمريڪي پاليسين، گڏيل دلچسپي وارن معاملن، تعليمي ۽ ثقافتي پروگرامن بابت معلومات پهچائڻ سان گڏ مقامي ميڊيا سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. ان موقعي تي سوشل ميڊيا، ڊيجيٽل صحافت ۽ جديد مواصلاتي ذريعن جي موثر استعمال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قونصليٽ جي نمائندن چيو ته عوامي سفارتڪاري ۾ درست ۽ شفاف معلومات جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي. جڏهن ته مختلف معاملن بابت پيدا ٿيندڙ غلط فهمين کي حقيقتن ۽ مؤثر رابطي ذريعي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران بدين جي صحافين پاران علائقائي صحافت کي درپيش مسئلن، تعليمي ۽ ترقياتي پروگرامن، ميڊيا جي تربيت ۽ صحافين لاءِ پيشيواراڻي موقعن بابت سوال ڪيا ويا جن تي قونصليٽ جي ٽيم جامع انداز ۾ جواب ڏنا. بدين پريس ڪلب جي صحافين آمريڪي قونصليٽ جنرل ڪراچي جي ٽيم جي آمد کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته صحافتي ۽ عوامي رابطن جو اهو سلسلو مستقبل ۾ پڻ جاري رهندو. قونصليٽ جي ٽيم پڻ بدين جي صحافين جي مقامي سطح تي ادا ٿيندڙ ڪردار کي ساراهيندي مستقبل ۾ رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں