منگوليا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال منگوليا ۾ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون پروگرام ڪانفرنس جي موقعي تي واپار، سياحت ۽ علائقائي مقابلي کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي ترقياتي ڀائيوارن سان ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. وفاقي وزير ڳالهين دوران،ايم ايل ون منصوبي تي اهم اڳڀرائي کان آگاهي ڏيندي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪراچي-روهڙي سيڪشن جي اپ …
ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن سان ريلوي لائين جي گنجائش 34 کان وڌي 120 ٽرينن تائين ڪري سگهجي ٿي، مسافر ٽرينن جي رفتار 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي ويندي: وفاقي وزير احسن اقبال

مزید خبریں
منگوليا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال منگوليا ۾ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون پروگرام ڪانفرنس جي موقعي تي واپار، سياحت ۽ علائقائي مقابلي کي هٿي ڏيڻ جي موضوع تي ترقياتي ڀائيوارن سان ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. وفاقي وزير ڳالهين دوران،ايم ايل ون منصوبي تي اهم اڳڀرائي کان آگاهي ڏيندي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪراچي-روهڙي سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائي کان ترقياتي ڀائيوارن کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير وچ ايشيا علائقائي اقتصادي تعاون واري اداري ۽ ازبڪستان جي وفد سان پڻ ملاقاتون ڪيون. احسن اقبال چيو ته ايم ايل-1 پاڪستان جي ريلوي سسٽم جي ريڙهه جي هڏي آهي، جيڪو ڪراچي کان پشاور تائين 1,726 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي ۽ ريلوي جي 76 سيڪڙو مسافر ٽريڪ ۽ 98 سيڪڙو مال برداري کي سنڀالي ٿو. هن چيو ته موجوده بنيادي ڍانچي جي مشڪلاتن جي باوجود، ايم ايل-1 ملڪ جي واپاري ۽ معاشي سرگرمين ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ايم ايل-1 جي اپ گريڊيشن صرف هڪ ريلوي منصوبو ناهي پر پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ واپاري صلاحيت ڳنڍيل قومي ترجيح آهي. هن ٻڌايو ته ايم ايل-1 جي اپ گريڊيشن سان ريلوي لائين جي گنجائش 34 کان 120 ٽرينن تائين ٿي ويندي، جڏهن ته مسافر ٽرينن جي رفتار 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين مال بردار ٽرينن جي رفتار 30 کان 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ڪئي ويندي. ڪراچي کان روهڙي تائين سفر جو وقت به اٽڪل 8 ڪلاڪن کان گهٽجي ساڍا چار ڪلاڪ ٿي ويندو. احسن اقبال چيو ته اپ گريڊ ٿيل ريلوي راهداري وڌندڙ مال برداري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي، جڏهن ته 2035ع تائين سالياني مال برداري جي طلب اٽڪل 2 ڪروڙ 10لک ٽن تائين پهچڻ جو اندازو آهي. ڪراچي-روهڙي سيڪشن تي اڳڀرائي جي حوالي سان، وفاقي وزير ٻڌايو ته اٽڪل 2 ارب 50ڪروڙ ڊالرن جي ماليت جو هي منصوبو ايم ايل-1 جو سڀ کان وڌيڪ اڳڀرائي ڪندڙ حصو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ منصوبي جي مالي مدد جي اڳواڻي ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايشيائي بنيادي ڍانچي سيڙپڪاري بئنڪ، عالمي بئنڪ، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ يورپي سيڙپڪاري بئنڪ پڻ مدد فراهم ڪندڙ ڀائيوارن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ڪراچي-روهڙي منصوبو شروعاتي مرحلي کان اڳتي وڌي چڪو آهي، منصوبي جي تياري لاءِ مالي مدد ملي چڪي آهي، انجنيئرنگ جي ڪم تي اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته خريداري ۽ مالي مدد جا مرحلا پڻ اڳتي وڌي رهيا آهن. وفاقي وزير واضح ڪيو ته حڪومت جو مقصد ڪراچي-روهڙي کي هڪ الڳ منصوبي تائين محدود رکڻ نه آهي، پر ان کي ڪراچي کان پشاور تائين ايم ايل-1 جي مڪمل اپ گريڊيشن ڏانهن پهريون قدم بڻائڻ آهي. هن چيو ته حڪومت روهڙي کان پشاور تائين باقي حصن لاءِ به مالي مدد جي انتظام تي هڪ ئي وقت ڪم ڪري رهي آهي. احسن اقبال چيو ته هاڻي بنيادي سوال اهو ناهي ته ايم ايل-1 کي اپ گريڊيشن جي ضرورت آهي يا نه، ضرورت واضح آهي. هاڻي ترجيح ڪراچي-روهڙي تي ٿيل اڳڀرائي کي عملي طور تي منصوبي تي عملدرآمد ۾ تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته باقي راهداري لاءِ به هڪ ئي وقت مالي مدد جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ايم ايل-1 جي اپ گريڊيشن سان پاڪستان کي وڌيڪ گنجائش رکندڙ ريلوي راهداري ميسر ايندي جيڪا وڌندڙ مسافرن ۽ مال برداري جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ گڏوگڏ علائقائي واپار ۽ رابطن کي به مضبوط بڻائيندي. وفاقي وزير چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان منصوبي تي عملدرآمد، مالي مدد جي تسلسل ۽ ايم ايل-1 کي ڪراچي کان پشاور تائين هڪ مربوط ريلوي راهداري طور مڪمل ڪرڻ تي ٻڌل هجڻ گهرجي. وفاقي وزير وچ ايشيا عائقائي اقتصادي تعاون پروگرام ڪانفرنس ۾ شرڪت پاڪستان طرفان بنيادي ڍانچي، واپار، سياحت ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ علائقائي ڀائيوارن سان مسلسل تعاون ۽ رابطن جو حصو آهي.










