اسلام آباد - 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع جو پاڪستان جي سرڪاري گزٽ جي ذريعي باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ نوان قانون فوري طور تي لاڳو ٿي ويا آهن، وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي سفارش تي نئين قانونن جي منظوري ڏني جن تحت پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2004ع ختم ڪيا ويا آهن. پيپرا پاران سومر ڏينهن هتي جاري بيان …
پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري، قانون فوري طور تي لاڳو، نوان قانون شفافيت، جوابدهي ۽ ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا: پيپرا جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع جو پاڪستان جي سرڪاري گزٽ جي ذريعي باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ نوان قانون فوري طور تي لاڳو ٿي ويا آهن، وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي سفارش تي نئين قانونن جي منظوري ڏني جن تحت پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2004ع ختم ڪيا ويا آهن. پيپرا پاران سومر ڏينهن هتي جاري بيان موجب سرڪاري خريداري جي فريم ورڪ ۾ اها نظرثاني پبلڪ پروڪيورمنٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي جاري سڌارن جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو سمورن لاڳاپيل حصيدارن سان وسيع مشاورت ۽ ڪيترن ئي فورمز کان منظوري کانپوءِ حاصل ٿيو. وزيراعظم جي ڊيجيٽل پاڪستان جي ويزن موجب شروع ڪيل انهن سڌارن جو مقصد سرڪاري خرچن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ، ڪاروبار ۾ آساني کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ سرڪاري خريداري جي طريقيڪار کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. بيان موجب پيپرا آرڊيننس 2002ع جي شق 26 تحت جوڙيل نوان قانون فوري طور تي لاڳو ٿي ويا آهن جڏهن ته نئين قانونن جي لاڳو کان اڳ شروع ڪيل خريداري جا معاملا 2004ع جي قانونن تحت جاري رهندا جڏهن ته سمورين نئين خريدارين جو عمل پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع تحت سرانجام ڏنو ويندو. پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع سرڪاري خريداري جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪن ٿا جن جو مقصد خريداري جي عمل کي موثر، منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ ۽ سرڪاري وسيلن جي بهترين مالي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي. نئين قانونن تحت وفاقي خريداري ڪندڙ ادارن جي لاءِ عوامي خريداري ۽ ڊسپوزل جي عمل ۾ اي – پاڪ ايڪوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم اي پيڊز جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پروڪيورمنٽ سيلز قائم ڪرڻ جي پڻ شق شامل ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته وڏي پئماني جي خريدارين ۾ مفادن جي ٽڪراءُ کي روڪڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن، جانچ ۽ پري شپمنٽ انسپيڪشن جو طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي. نئين قانونن ۾ لاڳو ڪيل هڪ جامع نظام جوڙيو ويو آهي جنهن ۾ بليڪ لسٽنگ ۽ ڪراس ڊي بارمنٽ، شڪايتن جي ازالي جي لاءِ آزاد ڪميٽين ۽ پيپرا ۾ اپيل جي طريقيڪار جون شقون شامل آهن. قانونن ۾ اهم انحراف ۽ غلط خريداري جي طريقي جي واضح نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻي واڻي طور تي اي پيڊز کان ٻاهر خريداري ڪرڻ، مقرر ڪميٽين جي جوڙجڪ نه ڪرڻ، من پسند يا مخصوص اداري کي فائدو پهچائيندڙ شرطون ۽ وضاحتون مقرر ڪرڻ، اشتهار ۽ جوابي مدي بابت گهرجن جي خلاف ورزي ۽ مقرر جائزه معيار تي عمل نه ڪرڻ شامل آهي. نئين قانونن ۾ خريداري جا وڌيڪ جديد ۽ موثر طريقا پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن جن ۾ گيلپ ٽينڊرنگ ۽ متبادل خريداري جا طريقا، بشمول شاپنگ ۽ ڳالهه ٻولهه ٽينڊرنگ شامل آهن جڏهن ته اهي طريقا مقرر شرطن جي ماتحت هوندا. ڪارڪردگي ۾ بهتري جي لاءِ مختلف قدمن کي قانونن جو حصو بڻايو ويو آهي جن تحت ريسپانس ٽائيم ۽ اسٽينڊ اسٽل مدي ۾ گهٽتائي ۽ ٽينڊر جي عمل کي مختصر ۽ موثر بڻايو ويو آهي ته جيئن معاهدن جي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪري سگهجي. قانونن ۾ پائيدار خريداري، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن ۽ ڏورانهن ڪاروباري طبقن جي شموليت جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ خريداري جي طريقيڪار کي ماحولياتي پاليسي سان هم آهنگ ڪرڻ جون پڻ شقون شامل ڪيون ويون آهن. پيپرا جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حسنات احمد قريشي ٻڌايو ته پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع عالمي معيار کي نظر ۾ رکي جوڙيا ويا آهن ۽ عوامي خريداري ۾ شفافيت، چٽاڀيٽي، جوابدهي، ڪارڪردگي ۽ سرڪاري وسيلن جي بهترين مالي استعمال کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ هڪ جديد ريگيوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نوان قانون خريداري جي مڪمل عرصي ۾ نگراني جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم متعارف ڪرائين ٿا جن ۾ خريداري جي منصوبابندي ۽ ٻولين کان وٺي معاهدن جي انتظام، ڪارڪردگي جي جائزي ۽ معاهدن جي تڪميل تائين سمورا مرحلا شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڊيجيٽل خريداري، آزاداڻي نگراني، معلومات جي شفافيت ۽ واضح جوابدهي جو طريقيڪار متعارف ڪرائڻ سان خريداري جي عمل تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ سرڪاري وسيلن جي بهتر انتظام ۾ مدد ملندي. پيپرا جي ايم ڊي پيپرا بورڊ جي رهنمائي ۽ ڪابينا ڊويزن پاران مسلسل تعاون کي ساراهيندي چيو ته انهن گڏيل ڪوششن پبلڪ پروڪيورمنٽ رولز 2026ع جي منظوري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.










