منگوليا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال منگوليا ۾ ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري نائب وزير الزت ڪاسي موف جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ عالمي مالي مدد حاصل ڪرڻ سميت خاص ڪري ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ريلوي منصوبي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال جيڪو هن وقت وچ ايشيائي …
وفاقي وزير احسن اقبال جي ازبڪستان جي سيڙپڪاري واري نائب وزير الزت ڪاسي موف سان ملاقات ، عمل جوڳن منصوبن ۽ ٻطرفي علائقائي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي زور

مزید خبریں
منگوليا- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال منگوليا ۾ ازبڪستان جي سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار واري نائب وزير الزت ڪاسي موف جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ عالمي مالي مدد حاصل ڪرڻ سميت خاص ڪري ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ريلوي منصوبي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال جيڪو هن وقت وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون پروگرام ۾ شرڪت لاءِ منگوليا جي دوري تي آهي، چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان کي سياسي مفاهمت کي قابل عمل منصوبن ۽ ٺوس معاشي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ريلوي منصوبو وچ ايشيا جي مارڪيٽن کي پاڪستان جي بندرگاهن سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير ريلوي منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي کي جلد مڪمل ڪرڻ، گهڻ ملڪي ۽ ٻطرفي مالي مدد جي ذريعن جي نشاندهي ۽ منصوبي جي عملدرآمد لاءِ واضح لائحه عمل جوڙڻ تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ گڏيل مالي مدد لاءِ رابطاڪاري جو طريقيڪار قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته ان ذريعي ترجيحي علائقائي منصوبن لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن سان گڏيل طور تي مالي مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. احسن اقبال چيو ته ازبڪستان-افغانستان-پاڪستان ريلوي منصوبي کي صرف ريلوي منصوبي طور نه پر هڪ مربوط معاشي راهداري طور تي ترقي ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ ريلوي شاهراهون، رسد جا نظام، بندرگاهون ۽ صنعتي مرڪز هڪٻئي سان ڳنڍيل هجن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان کي سيڙپڪاري تي ٻڌل واپار ۽ گڏيل ڪاروباري منصوبن کي هٿي ڏيڻ گهرجي، خاص ڪري ٽيڪسٽائل، دواسازي، زراعت، معدنيات، انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين طرفان پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ معاشي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ موجوده معاهدن کي واضح مدت ۽ مالي مدد جي انتظامن سان گڏ ٺوس منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گوادر بندرگاهه ازبڪستان ۽ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون پروگرام جي ملڪن لاءِ اهم واپاري راهداري بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ازبڪستان ڪسٽمز نظام ۾ هم آهنگي ۽ معياري طريقيڪار لاءِ تعاون وڌائي سگهن ٿا. هن گڏيل سياحتي پروگرامن، شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ۽ روسي ٻولي جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ تي پڻ زور ڀريو ته جيئن پاڪستاني شاگردن ۽ تعليمي ادارن لاءِ روس ۽ وچ ايشيا ۾ ِ نوان موقعا پيدا ٿين.










