وفاقي وزير محسن نقوي پاران ڊي آءِ خان ۾ ڪامياب انٽيليجنس آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين

اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير، ڪارروائي دوران 4 خارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي صلاحيتن، ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بروقت …

اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي.گهرو معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير، ڪارروائي دوران 4 خارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ تي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي صلاحيتن، ۽ بهادري جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ موثر ڪارروائي ڪندي ڀارت جي اسپانسر ڪيل دهشتگردن جي ناپاڪ ادارن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عزم استحڪام ويزن تحت خيبر پختونخوا سميت سڄي ملڪ ۾ خوراجن خلاف بنا فرق جي ۽ موثر ڪارروائيون پوري قوت سان جاري آهن ۽ امن جي مڪمل قيام تائين جاري رهنديون.

مزید خبریں