ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ورلڊ ريبيز ڊي جي موقعي تي چيو آھي ته ريبيز کان بچاءُ جي لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رھي آھي، عوام ڪتي جي چڪ يا زخم کي ڪنھن به صورت ۾ معمولي نه سمجهي ۽ ترت ويڪسين ڪرائي وڃي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ريبيز جي ڪنٽرول لاءِ جامع حڪمت …
عوام ڪتي جي چڪ يا زخم کي معمولي نه سمجهي، ترڪ ويڪسين ڪرائي: شرجيل انعام ميمڻ جو ريبيز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ورلڊ ريبيز ڊي جي موقعي تي چيو آھي ته ريبيز کان بچاءُ جي لاءِ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رھي آھي، عوام ڪتي جي چڪ يا زخم کي ڪنھن به صورت ۾ معمولي نه سمجهي ۽ ترت ويڪسين ڪرائي وڃي. ھڪ بيان ۾ ھن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ريبيز جي ڪنٽرول لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني آھي، صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۽ رورل ھيلٿ سينٽرز ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين جي فراھمي يقيني بڻائي وئي آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ريبيز جي ڦھلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ جديد طريقن تي عمل ڪري رھي آھي، ڪتي يا ڪنھن به ريبيز متاثر جانور جي چڪ پائڻ جي صورت ۾ عوام ڪوتاھي کان ڪم وٺڻ کان پاسو ڪري. سندس چوڻ ھو ته سنڌ حڪومت، طبي ماھرن ۽ عوام جي جي سھڪار سان صوبي کي ريبيز کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي آھي.











