اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ حل طلب قانونسازي جي معاملن واري ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف آءِ اي ايڪٽ 1974ع، پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع، ضابطه فوجداري 1898ع ۽ سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏيندي لاڳاپيل وزارتن کي ضروري ترميمون ۽ سفارشون شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ترجمان موجب اجلاس …
حل طلب قانونسازي واري ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس، ايف آءِ اي ايڪٽ، پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ ضابطه فوجداري ۾ ترميمن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ حل طلب قانونسازي جي معاملن واري ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف آءِ اي ايڪٽ 1974ع، پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع، ضابطه فوجداري 1898ع ۽ سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏيندي لاڳاپيل وزارتن کي ضروري ترميمون ۽ سفارشون شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ترجمان موجب اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، کاتن ۽ڊويزنن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي پنهنجي آڏو پيش ڪيل مختلف قانوني ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل وزارتن کي ضروري ترميمون ۽ شفارشون شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ايف آءِ اي ايڪٽ 1974ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن کي پنهنجي سفارشن ۽ ضروري ترميمن کي شامل ڪرڻ سان مشروط ڪندي منظور ڪيو. پاڪستان پينل ڪوڊ 18960ع ۽ فوجداري ضابطي 1998ع ۾ تجويز ڪيل ترميمون به ضروري ترميمن ۽ سفارشن کي شامل ڪرڻ سان مشروط ڪندي منظور ڪيون. ڪميٽي سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن کي به ضروري ترميمن ۾ شامل ڪرڻ سان مشروط منظوري ڏني. اجلاس ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ترميمي بل 2026ع جو معاملو ملتوي ڪيو ويو جڏهن ته اميگريشن رولز 1979ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري ڏني وئي، ڪميٽي نيشنل هاءِ وي سيفٽي آرڊيننس 2000ع تحت اوور لوڊنگ تي ڏنڊ ۾ اضافي جي تجويز واپس وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو.











