ڊيره اسماعيل خان- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)عزم استحڪام ويزن تحت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪاررواين جي تسلسل ۾ سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران فتنه الخوارج جي چئن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز تصديق ٿيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي دهشتگردن جي چرپر تي ڪڙي نظر رکي ۽ وقت سر ڪارروائي ڪندي خارجي دهشتگردن کي ماريو. …
ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، فتنه الخوارج جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
ڊيره اسماعيل خان- 28 سيپٽمبر (اي پي پي)عزم استحڪام ويزن تحت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف موثر ڪاررواين جي تسلسل ۾ سيڪيورٽي فورسز ڊيره اسماعيل خان ۾ هڪ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن دوران فتنه الخوارج جي چئن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز تصديق ٿيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي دهشتگردن جي چرپر تي ڪڙي نظر رکي ۽ وقت سر ڪارروائي ڪندي خارجي دهشتگردن کي ماريو. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولابارود ۽ افغان ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي ۽ شرپسندن خلاف ڪارروايون بنا فرق جي جاري رهنديون.











