قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جي نتيجي ۾ 3 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون …

اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ٽانڪ ۾ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جي نتيجي ۾ 3 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ هن، شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، پوليس اهلڪارن، فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، شهيد پوليس اهلڪارن جون قربانيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس فورس جي عزم جي عڪاس آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ قوم متحد آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں