اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 339.60 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170425.62 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 421.15 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 17.73 ارب رپيا رهي. مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن مان 181 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 339.60 پوائنٽس جي گهٽتائي

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر ڏينهن ڪاروباري هفتي جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 339.60 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 170425.62 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 421.15 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 17.73 ارب رپيا رهي. مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جنهن مان 181 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 267 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته 55 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 96.06 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 50717.83 پوائنٽس تي بند ٿيو، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 289.40 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 244،101.8 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت مجموعي طور تي 6.59 ارب رپيا ماليت جا سودا طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين دوران سينر جي ڪو پي ڪي لميٽيڊ جي 61.59 ملين شيئرز، تصديق انفارميشن سروسز لميٽيڊ جي 60.32 ملين شيئرز ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 24.14 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.











