اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه چيو آهي ته سڀني شعبن ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ڊجيٽل گورننس، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل معاشري جي ٽن بنيادي ٿنڀن تي قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان کي اڳتي وڌائي رهي آهي. ماسٽر پلان کي وزيراعظم سان ٿيندڙ صوبائي وڏن وزيرن جي ايندڙ اجلاس جي …
سڀني شعبن ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان کي اڳتي وڌائي رهي آهي: وفاقي وزير احد چيمه

مزید خبریں
اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه چيو آهي ته سڀني شعبن ۾ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ڊجيٽل گورننس، ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل معاشري جي ٽن بنيادي ٿنڀن تي قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان کي اڳتي وڌائي رهي آهي. ماسٽر پلان کي وزيراعظم سان ٿيندڙ صوبائي وڏن وزيرن جي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ان تي غور ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن هتي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي (پي ڊي اي) تي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ آئي ٽي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه، پي ڊي اي جي چيئرمين ڊاڪٽر سهيل منير ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير زور ڀريو ته ڊجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت ذريعي تبديلي سان حڪومتي معاملن ۾ بهتر نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ۽ هر شعبي کي ترقي ۾ مدد ملڻ گهرجي. هن چيو ته پي ڊي اي جي شعبي وار منصوبن ۾ قابل عمل هدفن ۽ حقيقت پسنداڻي مدي جي تڪميل واضح هجڻ گهرجي. صحت، تعليم، واپار ۽ ٻين شعبن بابت انهن منصوبن جو جائزو اٿارٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ورتو ويندو. وفاقي وزير تعليم جي شعبي ۾ تعليمي ادارن ذريعي جديد ڊجيٽل ۽ مصنوعي ذهانت بابت مهارتون سيکارڻ لاءِ هڪ مربوط لائحه عمل جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پرائمري ۽ مڊل جي شاگردن سميت باقاعده تعليمي نظام تحت مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ مهارتون سيکاريون وڃن ۽ ان مقصد لاءِ جديد علم ۽ تدريسي طريقن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. صحت جي شعبي ۾ اجلاس دوران، مريضن جي هڪجهڙي ڊجيٽل رڪارڊ ۽ رجسٽري جي قيام تي به پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ مريضن جي طبي تاريخ ۽ علاج جي رڪارڊ کي محفوظ ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪمپيوٽرائيزڊ، سڃاڻپ ڪارڊ تي ٻڌل نظام سان مريضن جو رڪارڊ آساني سان دستياب ٿيندو ۽ علاج جي تسلسل ۾ مدد ملندي. پي ڊي اي ڊجيٽل تبديلي جي عمل ۽ قابل اعتماد ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۽ استعمال ۾ سهولت لاءِ وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ اي آءِ جي ماهرن ۽ فوڪل پرسن جي مقرري جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽر احد چيمه چيو ته وزارتن ۾ آئي ٽي بابت معاملا انجام ڏيندڙ موجوده عملي کي پڻ تربيت ڏني وڃي. هن ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وٽ اي-آفيس جو نظام لاڳو ڪرڻ کان پوءِ دستياب ٿيندڙ اهلڪارن جو هڪ پول موجود آهي ، جن کي تربيت ڏئي حڪومتي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل ۾ استعمال آڻي گهجي ٿو. عملي بابت وڌيڪ مشاورت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سان ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پي ڊي اي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي تعاون سان تربيت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ وفاقي ڊويزنن ۾ ڊجيٽل گنجائش وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي. وفاقي وزير، وزيراعظم جي فيول رليف اسڪيم جاري ڪرڻ ۾ پي ڊي اي جي ڪردار ۽ پي ايم او ايس سسٽم سميت ٻين قدمن ۾ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اٿارٽي جي ڪوششن جو دائرو حڪومت جي وڌيڪ شعبن تائين وڌايو ويندو. اجلاس ۾ قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان جي حوالي سان صوبائي آئي ٽي کاتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان ٿيل مشاورت تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته ان جو مقصد صوبائي دائري اختيار ۾ مداخلت نه پر قومي ڊجيٽل فريم ورڪ تحت هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ آهي. مختلف شعبن ۾ ڊيٽا ۽ رجسٽرين جي حوالي سان بهتر رابطاڪاري سان سرڪاري ادارن کي تصديق ٿيل معلومات تائين رسائي ۽ عوامي خدمتن جي اثرائتي منصوبابندي ۾ مدد ملندي.











