اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي موسم دوران مختلف حادثن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين مجموعي طور 199 ڄڻا فوت، 552 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 1839 گهرن ۽ 41 پلين کي نقصان پهتو ۽ 1559 چوپايو مال مري ويو. اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل 95 ڏينهن واري رپورٽ موجب 26 جون کان 28 سيپٽمبر …
هلندڙ سانوڻي جي موسم ۾ سڄي ملڪ ۾ 199 ڄڻا فوت، 552 زخمي ۽ 1839 گهرن کي نقصان پهتو: اين ڊي ايم اي

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي موسم دوران مختلف حادثن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين مجموعي طور 199 ڄڻا فوت، 552 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جڏهن ته 1839 گهرن ۽ 41 پلين کي نقصان پهتو ۽ 1559 چوپايو مال مري ويو. اين ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل 95 ڏينهن واري رپورٽ موجب 26 جون کان 28 سيپٽمبر تائين سڀ کان وڌيڪ 80 موت خيبرپختخوا ۽ 70 پنجاب ۾ رڪارڊ ٿيا، ان کانسواءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 16، سنڌ ۾ 19، بلوچستان ۾ 10 ۽ اسلام آباد ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو، فوت ٿي ويلن ۾ 91 ٻار، 68 مرد ۽ 40 عورتون شامل آهن، جڏهن ته فوتگين جو وڏو سبب گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ آهي. رپورٽ موجب وڄ ڪرڻ سبب 16.9 سيڪڙو، ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 15.6 سيڪڙو واقعا پيش آيا، بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن ۾ سڄي ملڪ جا 623 مڪمل ۽ 1216 جزوي تباهه ٿيل گهر شامل آهن.











