ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڄاڻ تائين رسائي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تصديق ٿيل ۽ وقت سر ڄاڻ تائين رسائي هر شهري جو بنيادي حق آهي. ڄاڻ تائين آسان ۽ برابر رسائي شفاف ۽ جوابده طرز حڪمراني لاءِ اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل دور ۾ درست ڄاڻ تائين رسائي سان گڏ معلومات جي صحت، …
سنڌ جي گورنر نهال هاشمي پاران معلومات جي رسائي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
ڪراچي- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ڄاڻ تائين رسائي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته تصديق ٿيل ۽ وقت سر ڄاڻ تائين رسائي هر شهري جو بنيادي حق آهي. ڄاڻ تائين آسان ۽ برابر رسائي شفاف ۽ جوابده طرز حڪمراني لاءِ اڻٽر آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل دور ۾ درست ڄاڻ تائين رسائي سان گڏ معلومات جي صحت، ساک ۽ صداقت کي يقيني بنائڻ به ضروري آهي. جعلي ۽ گمراه ڪندڙ ڄاڻ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ عوام ۾ ميڊيا ۽ معلوماتي شعور اجاڳر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سرڪاري ادارن پاران عوام کي درست، بروقت ۽ قابل اعتماد ڄاڻ جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. تصديق ڄاڻ عوام کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي. هن چيو ته آزاد، ذميدار ۽ معياري صحافت عوام تائين تصديق ٿيل ڄاڻ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. معلومات تائين عالمي رسائي شفافيت ،احتساب ،اظهار جي آزادي ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ جو بنياد آهي.











