صدر پاران پاڪ بحريه جي نئين آبدوز "هنگور” جي پهرين ڪامياب لائيو ويپن فائرنگ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي نئين آبدوز "هنگور" جي پهرين ڪامياب لائيو ويپن فائرنگ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان نيوي جي آپريشنل تيارين ۽ بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کي ساراهيندي چيو ته جديد جنگي صلاحيتن سان ليس پاڪ …

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي نئين آبدوز "هنگور” جي پهرين ڪامياب لائيو ويپن فائرنگ تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. آچر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان نيوي جي آپريشنل تيارين ۽ بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کي ساراهيندي چيو ته جديد جنگي صلاحيتن سان ليس پاڪ بحريه قومي سامونڊي حدن جي تحفظ ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جي قيادت ۾ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين ۽ بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي بحري دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ملڪي سامونڊي حدن جي موثر دفاع ۽ خطي ۾ امن جي قيام جي عزم جو عڪاس آهي. ياد رهي ته صدر زرداري هن سال 30 اپريل تي ان آبدوز جي پاڪستان کي حوالي ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان هو، جيڪا چين جي شهر سانيا ۾ منعقد ٿي هئي.