راولپنڊي- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور پهرين لائيو ويپن فائرنگ ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي هدف کي انهائي درستگي سان نشانو بڻايو آهي. آءِ ايس پي آر مان آچر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق آپريشنل تيارين جي هڪ وڏي مظاهري ۾ پاڪ بحريه ۾ نئين شامل ڪيل آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور …
پاڪ بحريه جي آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور جي پهرين لائيو ويپن فائرنگ، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي هدف کي درستگي سان نشانو بڻايو

مزید خبریں
راولپنڊي- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور پهرين لائيو ويپن فائرنگ ۾ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي هدف کي انهائي درستگي سان نشانو بڻايو آهي. آءِ ايس پي آر مان آچر ڏينهن جاري پريس رليز مطابق آپريشنل تيارين جي هڪ وڏي مظاهري ۾ پاڪ بحريه ۾ نئين شامل ڪيل آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور اتر عربي سمنڊ ۾ پنهنجي پهرين لائيو ويپن فائرنگ جو ڪامياب مظاهرو ڪيو ۽ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ هڪ اينٽي شپ ڪروز ميزائل جي ذريعي هدف کي درست طريقي سان نشانو بڻايو آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف نشان امتياز ملٽري، فائرنگ جو مشاهدو ڪيو، آبدوز جي جنگي صلاحيت جي تعريف ڪئي ۽ ڀروسي جوڳي ميري ٽائم ڊيٽرنس لاءِ زمين اندر صلاحيتن کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. اهو سنگ ملي قومي بحري سرحدن ۽ علائقائي امن جي تحفظ لاءِ جنگي تياري لاءِ پاڪ بحريه جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.










