هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران محققن لاءِ ايڇ اي سي ريسرچ ايوارڊ 27-2026ع جو اعلان

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن محققن لاءِ ايڇ اي سي ريسرچ ايوارڊ 27-2026ع جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهو ايوارڊ ٽن مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڏنو ويندو. ڪميشن جي ذريعن موجب ٽن مختلف ڪيٽيگريز ۾ بيسٽ ريسرچر، بيسٽ ينگ ريسرچر ۽ بيسٽ پبليڪيشن شامل آهن. اهليت لاءِ لازمي آهي ته ريسرچ ايڇ اي سي بليڪ لسٽ نه هجي، ان کان اڳ اهڙي قسم جو ڪو به ايوارڊ …

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن محققن لاءِ ايڇ اي سي ريسرچ ايوارڊ 27-2026ع جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهو ايوارڊ ٽن مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڏنو ويندو. ڪميشن جي ذريعن موجب ٽن مختلف ڪيٽيگريز ۾ بيسٽ ريسرچر، بيسٽ ينگ ريسرچر ۽ بيسٽ پبليڪيشن شامل آهن. اهليت لاءِ لازمي آهي ته ريسرچ ايڇ اي سي بليڪ لسٽ نه هجي، ان کان اڳ اهڙي قسم جو ڪو به ايوارڊ حاصل نه ڪيو هجي. بهترين ريسرچ ايوارڊ لاءِ ضروري آهي ته محقق گذريل ٽن سالن کان پاڪستان ۾ رهندڙ هجي. بهترين ينگ ريسرچر لاءِ لازمي آهي ته پهرين جنوري 2026ع تي محقق جي عمر 40 سال کان وڌيڪ نه هجي ۽ هو هلندڙ سال جي شروعات کان پاڪستان ۾ رهندڙ هجي. بهترين پبليڪيشن لاءِ پبليڪيشن اسڪلار لي بل يا جنرل آرٽيڪل هجي، پبليڪيشن ٽي سال پراڻي نه هجي، اها پبليڪيشن ٽن سالن کان وڌيڪ ليکن نه لکي هجي، ليکڪ گذريل 3 سالن کان پاڪستان ۾ رهندڙ هجي، ان جي ريسرچ ايڇ اي سي مان منظور ٿيل ريسرچ جنرل ۾ ڇپيل هجي. انهن ايوارڊز لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي.