اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. واپڊا مطابق آچر ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 65 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 14 هزار ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 84 …
ملڪي آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. واپڊا مطابق آچر ڏينهن سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 65 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 14 هزار ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 84 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 09 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 39 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي موجوده سطح 1527.19 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.306 ملين ايڪڙ فٽ آهي. منگلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1213.85 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.154 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.، جڏهن ته چشمه جو آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 645.70 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.164 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










