وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين مسقط پهچي ويو، پاڪستاني سفير ۽ ڪاروباري شخصيتن پاران آجيان

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان مسقط پهچي ويو، ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير سيد نويد صفدر بخاري ۽ ڪاروباري شخصيتن سندس آجيان ڪئي. پي ايم واءِ پي مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. رانا مشهود احمد خان پنهنجي دوري دوران …

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان مسقط پهچي ويو، ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير سيد نويد صفدر بخاري ۽ ڪاروباري شخصيتن سندس آجيان ڪئي. پي ايم واءِ پي مان جاري بيان موجب رانا مشهود احمد دوري دوران اهم ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون ڪيون وينديون. رانا مشهود احمد خان پنهنجي دوري دوران نوجوانن لاءِ نون موقعن جي باري ۾ اهم اڳڀرائين جو امڪان آهي. مختلف شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي سهار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. چيئرمين يوٿ پروگرام پاڪستاني ڪميونٽي سان پڻ ملاقاتون ڪندو.