اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه ۽ ان جي قيادت کي فليٽ ۾ شامل ڪيل نئين آبدوز پي اين ايس / ايم هنگوز جي لائيو ويپن فائرنگ جي پهرين ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪندي مبارڪ ڏني آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي ڊگهي فاصلي جي هدف کي …
وزيراعظم پاران پاڪ بحريه ۽ ان جي قيادت کي نئين آبدوز پي اين ايس / ايم هنگور جي لائيو ويپن فائرنگ جي پهرين ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ بحريه ۽ ان جي قيادت کي فليٽ ۾ شامل ڪيل نئين آبدوز پي اين ايس / ايم هنگوز جي لائيو ويپن فائرنگ جي پهرين ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪندي مبارڪ ڏني آهي. آچر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته اينٽي شپ ڪروز ميزائل ذريعي ڊگهي فاصلي جي هدف کي درستگي سان نشانو بڻائڻ پاڪ بحريه جي آبدوز فورس جي غير معمولي آپريشنل تياري، پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند جنگي صلاحيت جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي. وزيراعظم قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج جي مڪمل تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ پي اين ايس / ايم هنگور جي شموليت ۽ آپريشنلائيزيشن جي ان عمل سان لاڳاپيل سڄي عملي جي پيشيوراڻي ڪارڪردگي کي به ساراهيو.










