پاڪستاني پارلياماني وفد جو بيلاروس جو دورو پڄاڻي تي پهتو

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جو جمهوريه بيلاروس جو سرڪاري دورو پڄاڻي تي پهچي ويو، ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي. بيلاروس جي نيشنل اسيمبلي جي ڪائونسل آف دي ري پبلڪ جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانوواني رات دير سان سيد يوسف رضا گيلاني …

اسلام آباد- 27 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جو جمهوريه بيلاروس جو سرڪاري دورو پڄاڻي تي پهچي ويو، ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي. بيلاروس جي نيشنل اسيمبلي جي ڪائونسل آف دي ري پبلڪ جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانوواني رات دير سان سيد يوسف رضا گيلاني ۽ پاڪستاني پارلياماني وفد کي الوداع چوڻ لاءِ ذاتي طور تي منسڪ نيشنل ايئرپورٽ پهتي. دوري دوران سينيٽ چيئمرين ڪائونسل آف دي ري پبلڪ جي قيادت ۽ ٻين بيلاروس جي عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پارلياماني تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل دلچسپي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفن رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڪائونسل آف ري پبلڪ ۽ سينيٽ پاڪستان وچ ۾ تعاون جي يادداشت تي به صحيحي ڪئي وئي، جنهن سان باقائده ۽ اثرائتن پارلياماني رابطن لاءِ هڪ اداره جاتي فريم ورڪ فراهم ٿيندو. پاڪستاني پارلياماني وفد بيلاروس جي اهم ادارن ۽ مرڪزن جو به دورو ڪيو جن ۾ بيلاروس جو سينٽر فار ايڊوانسڊ ميڊيسن ۽ وار هسٽري ميوزيم شامل آهن. انهن دورن دوران وفد کي صحت، ٽيڪنالاجي، صنعت، جدت ۽ تاريخي ورثي جي تحفظ جي شعبن ۾ بيلاروس جي مهارت ۽ تجربن کان سڌي ريت آگاهي حاصل ٿي. دوري دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي پراڻن دوستي وارن لاڳاپن کي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي مختلف امڪانن جو جائزو ورتو ويو خاص ڪري پارلياماني سفارتڪاري، اقتصادي رابطن، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. بيلاروس جي پارلياماني قيادت طرفان گرمجوشي تي ٻڌل الوداعي جملن ۽ موجودگي سان دورو دوستاڻن ۽ گڏيل احترام جي ماحول ۾ پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ ٻه طرفن ۽ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو.