چين دوستاڻي فٽبال ميچ ۾ مالديپ کي 0-3 گولن تان هارائي ڇڏيو

بيجنگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين چائنا انٽرنيشنل فٽبال مقابلن جي افتتاحي ميچ ۾ مالديپ کي 0-3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، وانگ زيمنگ ٻئي هاف ۾ نه رڳو شاندار هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي پر پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻئي ٽيمون ڪو گول نه ڪري سگهيون ۽ چين کي پنهنجو رڌم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي درپيش …

بيجنگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين چائنا انٽرنيشنل فٽبال مقابلن جي افتتاحي ميچ ۾ مالديپ کي 0-3 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي، وانگ زيمنگ ٻئي هاف ۾ نه رڳو شاندار هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي پر پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻئي ٽيمون ڪو گول نه ڪري سگهيون ۽ چين کي پنهنجو رڌم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي درپيش رهي. پر هاف ٽائم بعد چين 9 تبديليون ڪيون جنهن کان پوءِ راند ۾ تيزي آئي. 50 هين منٽ ۾ چين جي وانگ زيمنگ پهريون گول اسڪور ڪيو. ان کانپوءِ 6 منٽن بعد ٻيو گول ڪيو جڏهن ته 60 هين منٽ ۾ وانگ زيمنگ پنهنجي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي. واضح رهي ته ان ميچ ۾ چين جي ڪيترن ئي رانديگرن عالمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

مزید خبریں