جوهانسبرگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ آچر 27 سيپٽمبر تي دي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريلوي ٽيم اڄ ڪلهه ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي جتي اها ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ميزبان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي مهمان …
ڏکڻ افريقا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻيو ون ڊي انٽرنيشنل ميچ آچر تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
جوهانسبرگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ آچر 27 سيپٽمبر تي دي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق آسٽريلوي ٽيم اڄ ڪلهه ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي جتي اها ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ميزبان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي مهمان آسٽريلوي ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. پروٽيز پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڪينگروز کي 67 رنسن تان شڪست ڏني هئي. آسٽريلوي ٽيم اوپننگ پيٽسمين مچل مارش جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته پروٽيز ٽيم کي ٽمبابايوما ليڊ ڪندو. سيريز جو ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ 30 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.











