وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل جي قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات، علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو ويو

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ طرفي نظام جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي مضبوط وابستگي کي ورجايو ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ طرفي نظام جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي مضبوط وابستگي کي ورجايو ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جي خاتمي جي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل جي قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن گهڻ طرفي نظام لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ عالمي امن ۽ ترقي کي فروغ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي اجاگر ڪندي ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي مضبوط وابستگي کي ورجايو. هن سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي قيادت کي ساراهيندي انسانيت جي بهتري لاءِ گڏيل قومن جي سڀني شعبن ۾ گڏيل قومن جي منشور جي پاسداري جي حوالي سان سندس اصولي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم علائقائي ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ هڪ آزاد رياست جي قيام جي حق لاءِ به پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان خاص طور تي پاڪستان جي ويجهي پاڙيسري خطي ۾ ان جي وڌندڙ واقعن کان آگاهه ڪندي ان رجحان جي روڪٿام جي لاءِ موثر عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان جي صورتحال ۽ افغان سرزمين مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ٿيندڙ خطرناڪ واڌ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار ۽ موثر آواز، عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خدمتن، خاص طور تي تڪرارن جي پرامن حل ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي اهم سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ ان ڏس ۾ ڏنل قربانين کي به ساراهيو.

مزید خبریں