نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان پُراڻن دوستاڻن ۽ مثبت لاڳاپن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ پرنس رحيم آغا خان جي عزم کي ساراهيندي امن، استحڪام ۽ ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ خاص طور تي اسماعيلي برادري جُون وڏيُون خدمتُون ساراهه جوڳيون آهن، معاشري جي لاءِ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پرنس رحيم آغا خان پنجين سان ملاقات، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اسماعيلي برادري جي خدمتن تي خراج تحسن پيش

مزید خبریں
نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان پُراڻن دوستاڻن ۽ مثبت لاڳاپن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ پرنس رحيم آغا خان جي عزم کي ساراهيندي امن، استحڪام ۽ ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو آهي، پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ خاص طور تي اسماعيلي برادري جُون وڏيُون خدمتُون ساراهه جوڳيون آهن، معاشري جي لاءِ خدمت ۽ شهري شموليت جي ان قيمتي روايت کي ساراهيون ٿا. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي پرنس رحيم آغا خان پنجين سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم پرنس رحيم آغا خان پنجين جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ هلندڙ سال جي شروعات ۾ آغا خان جي پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو. وزيراعظم پاڪستان سان پُراڻن دوستاڻن ۽ مثبت لاڳاپن کي مضبوط رکڻن جي لاءِ پرنس رحيم آغا خان جي عزم کي ساراهيندي امن، استحڪام ۽ ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ خاص طور تي اسماعيلي برادري جي وڏين خدمتن کي ساراهيو ۽ معاشري جي لاءِ خدمت ۽ شهري شموليت جي ان جي قيمتي روايت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم اي ڪي ڊي ان سان لاڳاپيل ادارن جي مالياتي شموليت، سياحت جي فروغ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ۽ مقامي آبادي جي شموليت سان معاشي خودمختياري جي فروغ لاءِ قيمتي خدمتن کي به ساراهيو. وزيراعظم انهن شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي وڏن امڪانن مان ڀرپُور لاڀ پرائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن پاڪستان ۾ پائيدار ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي. پرنس رحيم آغا خان وزيراعظم جي جذبن لاءِ ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ هڪ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن پُورو خطو جنگ جي گرفت ۾ آهي، علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرنس رحيم آغا خان پاڪستان ۽ اي ڪي ڊي اين جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. هن پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ انساني ترقي جي مختلف شعبن، خاص طور تي صحت، تعليم، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت، ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعاون جاري رکڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو. وزيراعظم پرنس رحيم آغا خان کي پاڪستان جي باقاعدگي سان دورا ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم دوستي ۽ تعاون جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گہرا ڪري سگهجي.










