گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران خطي ۽ دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي کليل طور تي ڳالهه ٻولهه ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران خطي ۽ دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي کليل طور تي ڳالهه ٻولهه ٿي، فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت کي ورجائيندي، ان سان افغان سرزمين تان دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن، خطي ۽ دنيا ۾ تڪرار، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات دوران خطي ۽ دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي کليل طور تي ڳالهه ٻولهه ٿي، فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت کي ورجائيندي، ان سان افغان سرزمين تان دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن، خطي ۽ دنيا ۾ تڪرار، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جمعي جي ڏينهن ايڪس تي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سدائين وانگر گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات تي خوشي ٿي، جن جي گڏيل قومن جي منشور ۽ امن جي مشن لاءِ مستقل مزاجي جي عزم کي سدائين قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران، خطي ۽ دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي کليل طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ تڪرارن جي حل خاص طور تي وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري برقرار رکڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت جو به ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ اسلاموفوبيا تي ڳڻتي تي پُڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته افغان سرزمين تان دهشتگردي جي خطرن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته هُن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران عالمي امن ۽ سلامتي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين، خطي ۾ پائيدار امن ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ تازين ڪوششن تي پاڪستان جي ڪردار جي تعريف تي  سندس ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں