نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي معاملن جي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بحرين جي پرڏيهي معاملن جي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جُون تياريُون به …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي بحرين جي پرڏيهي معاملن جي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جُون تياريُون به شامل هُيُون. هُنن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بحرين جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٻطرفي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي ويجها رابطا برقرار رکڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں