جمهوريت جي استحڪام ۾ اخبارن جو غيرجانبداراڻو ۽ متوازن ڪردار قابل قدر آهي، نوجوان اخبار پڙهڻ جي عادت اختيار ڪن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوجوانن کي اخبارن جي مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۾ اخبارن جو غيرجانبداراڻو ۽ متوازن ڪردار قابل قدر آهي، اميد آهي ته اخبارن جا ايڊيٽوريل بورڊز رياست ۽ معاشري جي وسيع تر مفاد ۾ سماجي ۽ اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي مسئلن سان گڏوگڏ پرڏيهي پاليسي تي مناسب ڌيان ڏيندا. …

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوجوانن کي اخبارن جي مطالعي جي عادت اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۾ اخبارن جو غيرجانبداراڻو ۽ متوازن ڪردار قابل قدر آهي، اميد آهي ته اخبارن جا ايڊيٽوريل بورڊز رياست ۽ معاشري جي وسيع تر مفاد ۾ سماجي ۽ اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي مسئلن سان گڏوگڏ پرڏيهي پاليسي تي مناسب ڌيان ڏيندا. هن اها ڳالهه اخبار جي مطالعي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 25 سيپٽمبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري ان ڏينهن جي موقعي تي آزاد صحافت ۽ شهرين جي حقن جي تحفظ ۾ چوٿين ٿنڀ جي حيثيت سان ان جي ڪردار تي پنهنجي پختي يقين جو ورجاءُ ڪندي رياست ۽ معاشري بابت ۽ فيصلاسازن کي جوابده بڻائڻ جي حوالي سان ان جي ذميوارين جي ياد ڏياري. هن چيو ته جڏهن ته اسان متنوع ميڊيا جي تيز رفتار ترقي جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، اخبارون اڄ به عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۽ باخبر شهري معاشري جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اڄ بدلجندڙ ميڊيا جي ماحول ۾ اخبارن جو مطالعو هاڻي رڳو مطبوعه صحفن تائين محدود ناهي رهيو پر اخبارون تيزي سان ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ آن لائين پهچ جي ٻين شڪلين جي ذريعي پڻ پڙهندڙن تائين پهچي رهيون آهن. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي تيز رفتار ترقي، جعلي خبرن کي هدف بڻائي ڦهلائڻ ۽ ڊس انفارميشن تي ٻڌل مهم به اسان جي سماجي قدرن، ثقافتي موقف ۽ طرز عمل کي متاثر ڪري رهي آهي. اهڙي ماحول ۾ ذميواراڻي ادارتي نگراني تحت اعتماد جوڳي ۽ متوازن صحافت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. صدر پاڪستان جي نوجوانن تي زور ڀريو ته اهي اخبارن جي مطالعي جي عادت اختيار ڪن، ڀلي مطالعو مطبوعه شڪل ۾ هجي يا ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي ذريعي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڻ کي جديد ٽيڪنيڪي مهارتن سان پڻ ليس ڪن. هن چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۾ اخبارن جي غيرجانبداراڻي ۽ متوازن ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. آئون اها به اميد ڪريان ٿو ته ادارتي بورڊز رياست ۽ معاشري جي وسيع تر مفاد ۾ سماجي ۽ اقتصادي، مذهبي ۽ سياسي مسئلن سان گڏوگڏ پرڏيهي پاليسي تي پڻ مناسب ڌيان ڏيندا رهندا. صدر آصف علي زرداري اميد ظاهر ڪئي ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) ۽ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت باخبر قومي مباحثي ۽ وسيع تر عوامي فهم ۽ آگاهي جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندا. صدر ان موقعي تي صحافت جي اعلى ترين معيار کي برقرار رکڻ ۽ آزاد صحافت جي لاءِ سازگار ماحول جي فروغ جي سلسلي ۾ پريس کي پنهنجي مسلسل حمايت جو ڀرپور يقين ڏياريو.

مزید خبریں