نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ادارتي ڍانچن جي قيام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جمعي ڏينهن ايڪس تي پيغام ۾، اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي جنرل …
سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ۾ مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ادارتي ڍانچن جي قيام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو: اسحاق ڊار

مزید خبریں
نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ مڪه مڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ادارتي ڍانچن جي قيام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. جمعي ڏينهن ايڪس تي پيغام ۾، اسحاق ڊار چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وفدن سان گڏ نيويارڪ ۾ اها مُلاقات ٿي جنهن ۾ مڪه مُڪرمه گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ تحت ادارتي ڍانچن جي قيام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي سلامتي سان لاڳاپيل مسئلن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










