انٽرنيشنل ٽينٽ پيگنگ ورلڊڪپ ڪواليفائر ۾ پاڪستان جي شاندار فتح، پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

مسقط_23 سيٽمبر (اي پي پي )عمان ۾ منعقد انٽرنيشنل ٽينٽ پيگنگ فيڊريشن ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ پاڪستاني جٿي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مجموعي طورتي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي اهي . پاڪستان ان ايونٽ ۾ 455 پوائنٽس سان مجموعي برتري قائم ڪئي . قومي جٿي روايتي تيربازي ۽ گهوڙي سواري جي مقابلن ۾ شاندار مهارت جو مظاهرو ڪندي 6 سون جا ٻلا، 5 چاندي ۽ 2 ٽامي جا ٻلا …

مسقط_23 سيٽمبر (اي پي پي )عمان ۾ منعقد انٽرنيشنل ٽينٽ پيگنگ فيڊريشن ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ پاڪستاني جٿي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مجموعي طورتي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي اهي . پاڪستان ان ايونٽ ۾ 455 پوائنٽس سان مجموعي برتري قائم ڪئي . قومي جٿي روايتي تيربازي ۽ گهوڙي سواري جي مقابلن ۾ شاندار مهارت جو مظاهرو ڪندي 6 سون جا ٻلا، 5 چاندي ۽ 2 ٽامي جا ٻلا کٽيا جنهن جو ڪريڊٽ پاڪستان جي  رانديگرن ۽ معاون عملي ڏانهن وڃي ٿو . ان شاندار ڪاميابي بعد پاڪستان هاڻي اردن ۾ منعقد ٿيندڙ پنجين انٽرنيشنل ٽينٽ پيگنگ ورلڊڪپ لاءِ باقاعده ڪواليفائي ڪري چڪو آهي.

مزید خبریں