وزيراعظم محمد شهباز شريف جون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي غيررسمي ملاقاتون

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي افتتاحي سيشن جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪرسچن اسٽاڪر ۽ صوماليه جي صدر حسن شيخ محمود سان جدا جدا ملاقات ٿي. خوشگوار ماحول ۾ ٿيل غيررسمي ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

مزید خبریں