وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪينيا جي صدر وليم روٽو جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڱاري ڏينهن هتي ڪينيا جي صدر وليم روٽو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ صدر روٽو پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپن جي مثبت رخ …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڱاري ڏينهن هتي ڪينيا جي صدر وليم روٽو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ صدر روٽو پاڪستان ۽ ڪينيا جي گڏيل لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ۽ لاڳاپن جي مثبت رخ ۾ اڳتي وڌڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص طور تي دواسازي، ٽيڪسٽائيل، جراحي جي اوزارن، زراعت ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪندي ڪينيا جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف سياسي، اقتصادي، واپاري، دفاعي، تعليمي ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. اقتصادي شعبي ۾ وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي وسيع امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اوڀر آفريقي برادري سان پاڪستان جي رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن، بشمول پائيدار ترقي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر وليم روٽو اولهه ايشيا ۽ نار خطي ۾ تازي بحران جي دوران پاڪستان جي مصالحتي ڪردار کي ساراهيو. اعلى سطحي رابطن جي باقاعده تسلسل جي اهميت تي زور ڏيندي ٻنهي طرفن کان ٻطرفي تعاون جي موجوده اداراجاتي طريقيڪار، بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪينيا جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ بامعنى بنيادن تي وڌندا رهندا.

مزید خبریں