پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه پاران خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار، اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جارحاڻي ڪاررواين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڀريو آهي ته پائيدار حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، هنن پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي وزيرن سعودي عرب …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، مصر، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جارحاڻي ڪاررواين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڀريو آهي ته پائيدار حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، هنن پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي وزيرن سعودي عرب تي سمورن حملن، بشمول تازي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ ملڪ جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مصر، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن هتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تازي علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزيرن وچ اوڀر ۽ وسيع تر خطي ۾ امن، سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ چئني ملڪن جي وچ ۾ مسلسل مشاورت ۽ رابطن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جارحاڻي ڪاررواين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي. ان ڏس ۾ هنن پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزيرن سعودي عرب تي سمورن حملن بشمول تازي حوثي حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ ملڪ جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب سعودي عرب کي پنهنجي دفاع، پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي عوام جي تحفظ جو حق حاصل آهي. پرڏيهي وزيرن سامونڊي جهازن جي سلامتي ۽ آزادي جي تحفظ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هنن قانوني يمني حڪومت ۽ صدارتي قيادت ڪائونسل جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته يمن ۾ سلامتي، استحڪام ۽ ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي عمل ۽ مختلف ڌرين جي شموليت تي ٻڌل جامع يمني – يمني ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. فلسطين مسئلي کي وچ اوڀر ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ مرڪزي حيثيت رکندڙ قرار ڏيندي پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام جي جائز حقن جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جن ۾ خودمختياري جو حق ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ متصل فلسطيني رياست جو قيام شامل آهي جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر والاريل بيت المقدس هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٿئي. پرڏيهي وزيرن سوڊان جي خودمختياري، اتحاد، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان جي قانوني قومي رياستي ادارن جي تحفظ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن سوڊان جي خودمختياري ۽ وحدت کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به متوازي اداري کي رد ڪرڻ تي زور ڀريو. هنن سوڊان جي سرزمين ۾ غيرقانوني هٿيارن، ڪرائي جي فوجين ۽ غيرملڪي جنگجوئن جي اچ وڃ روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پرڏيهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن گڏيل سلامتي کي مضبوط ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري استحڪام کي فروغ ڏئي سگهجي.

مزید خبریں