رانا احسان افضل خان جي چين جي وفد سان ملاقات، ترقياتي تعاون کي وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عملي نوعيت جي ترقياتي تعاون کي وڌائڻ، تعميراتي منصوبن، ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ مقامي صلاحيت ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم جي واپار، صنعت ۽ پيداوار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان چين جي اقتصادي ۽ فني ايڪسچينج بابت عالمي مرڪز جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي. چيني وفد جي قيادت …

اسلام آباد- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عملي نوعيت جي ترقياتي تعاون کي وڌائڻ، تعميراتي منصوبن، ٽيڪنالاجي جي واڌاري ۽ مقامي صلاحيت ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم جي واپار، صنعت ۽ پيداوار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل خان چين جي اقتصادي ۽ فني ايڪسچينج بابت عالمي مرڪز جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ڪئي. چيني وفد جي قيادت چين انٽرنيشنل سينٽر فار اڪنامڪ اينڊ ٽيڪنيڪل ايڪسچينجز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل لي شوئين ڪئي. ان موقعي تي، پاڪستان ۾ چيني ترقياتي تعاون جو جائزو ورتو ويو ۽ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۾ مدد لاءِ جاري ۽ مستقبل جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيني وفد ترقياتي تعاون جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن پاران فراهم ڪيل مدد ۽ سهولت کي ساراهيو. رانا احسان افضل خان سي آءِ سي اي ٽي اي، جي پاڪستان سان ڊگهي عرصي کان جاري ڀائيواري جي آجيان ڪندي سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته سي آءِ سي اي ٽي اي، مقامي آبادي ۽ ترقياتي مقصدن لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جڏهن ته مسلسل تعاون پاڪستان – چين جي لاڳاپن جي عملي رخ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿابت ٿي سگهي ٿو. ٻنهي پاسن کان مدد ۽ تعميراتي منصوبن کانسواءِ پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن سان هم آهنگ شعبن ۾ چيني مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ وسيلن مان فائدو کڻڻ جي موقعن تي به خيالن جي به ڏي وٺ ڪئي وئي. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن کي جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن گڏيل تعاون جي منصوبن تي وقت سر عملدرآمد، مقامي صلاحيت ۾ اضافو ۽ نون شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. هن پاڪستان چين پراڻي حصيداري تحت ترقياتي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ سي آءِ سي اي ٽي اي ۽ چيني ڌر جي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پاسن کان جاري منصوبن ۽ وڌيڪ تعاون کي امڪاني شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ عملي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل ترقياتي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں