اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق ڪاشف عباسي کي وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ايسوسيئيشن جي قيادت هڪ اهم ذميواري آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪاشف عباسي ان اهم ذميواري کي بهترين انداز ۾ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. اڱاري ڏينهن پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق ڪاشف عباسي کي وڊيو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ايسوسيئيشن جي قيادت هڪ اهم ذميواري آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪاشف عباسي ان اهم ذميواري کي بهترين انداز ۾ نڀائيندي وڊيو جرنلسٽس جي پيشيوراڻي مسئلن جي حل ۽ سندن حقن جي تحفظ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رضوان رائو کي جنرل سيڪريٽري، خرم روشن کي فنانس سيڪريٽري، انيس الرحمان ۽ ذوالقرنين رائو کي نائب صدر ۽ جڏهن ته محبوب الرحمان کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ تي پڻ مبارڪون ڏنيون.










