پاڪستان جي نجي شعبي شمسي توانائي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

نيويارڪ-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ نجي شعبي شمسي توانائي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اهتمام هيٺ ”نئين معيشت ۾ ترقي کي توانائي فراهم ڪرڻ“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي …

نيويارڪ-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ نجي شعبي شمسي توانائي جي شعبي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي موقعي تي ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اهتمام هيٺ ”نئين معيشت ۾ ترقي کي توانائي فراهم ڪرڻ“ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ڳالهين ۾ ڳالهائيندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته جاري جاگرافيائي ۽ سياسي تڪرارن ۽ ٻارن جي فراهمي ۾ رڪاوٽن سبب عالمي ڌيان توانائي جي منتقلي کان وڌي ڪري توانائي جي تحفظ جي فوري چئلينج طرف ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ نمايان توسيع ٿي آهي جنهن ۾ وڏي حد تائين نجي شعبي ڪردار ادا ڪيو ۽ هي امپورٽ ٻارڻ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ تجديد جوڳي توانائي جي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي جي فراهمي کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جي وسيع تر معاشي اثر پيا آهن ڇاڪاڻ ته توانائي جو تحفظ غذائي تحفظ ۽ مجموعي معاشي مضبوطي سان گهرو تعلق رکي ٿو.

مزید خبریں