پاڪستان ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن پاران سمورن مسئلن جي حل، امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن سمورن مسئلن جي حل، امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي پرڏيهي …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن سمورن مسئلن جي حل، امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابرالاحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسلسل اعلى سطحي رابطن جي آجيان ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين علائقائي ۽ عالمي صورتحال، خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورن مسئلن جي حل، امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو.

مزید خبریں