وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح سان ملاقات، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي حصي جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي حصي جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد الصباح سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت سان لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏني ويندڙ اهميت کي اجاگر ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ انساني وسيلن جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي امڪانن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں