مالديپ جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ۽ ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس جو اجلاس منعقد

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ مالديپ جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله ۽ سندس پارلياماني وفد جو قومي اسيمبلي ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس (پي سي سي آر) ۽ مالديپ جي پارلياماني وفد وچ ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي قيادت ۾ مالديپ جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله ۽ سندس پارلياماني وفد جو قومي اسيمبلي ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ٻارن جي حقن بابت پارلياماني ڪاڪس (پي سي سي آر) ۽ مالديپ جي پارلياماني وفد وچ ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري ڪئي. پارلياماني سيڪريٽري آفيس مان جاري بيان موجب اجلاس جي شروعات ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري ڪاڪس جي قيام جو پس منظر بيان ڪندي ٻڌايو ته هڪ دفعي هڪ نوجوان ٻار هڪ پارليامينٽرين کان سوال ڪيو هو ته جڏهن ووٽ ڏيڻ جي عمر 18 سال آهي ۽ پارليامينٽ انهي عمر جي ماڻهن جي نمائندگي ڪري ٿي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ موثر قانونسازي ڪئين ممڪن بڻائي ويندي. انهي سوچ ٻارن جي حقن لاءِ پارلياماني ڪاڪس جي قيام جي راهه هموار ڪئي ته جيئن ٻارن جي مسئلن کي پارلياماني سطح تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري سگهجي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ مالديپ پارلياماني سفارتڪاري، واپار، سياحت، تعليم، نوجوانن جي ترقي، زراعت، صحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پارلياماني وفد جي مٽاسٽا ادارا جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ، گڏيل خيرسگالي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل قدرن، ۽ عوامي رابطن تي هموار آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ٻارن جي حقن، تعليم ۽ نوجوانن جي ترقي سميت عوامي ڀلائي جي شعبن ۾ تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ  نهايت مفيد ثابت ٿي سگهي ٿي. مالديپ جي پارلياماني وفد پاڪستان جي حمايت کي ساراهيندي ٻطرفن لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سياحت ۽ ماهيگيري کي ترجيحي شعبا قرار ڏيندي تجديد جوڳي توانائي، زراعت، تعليم، فني تربيت ۽ وظيفن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

مزید خبریں