نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي افتتاحي سيشن ۾ وفد سان گڏ شريڪ ٿيو جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افتتاحي سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واکاڻ ڪئي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جنرل اسيمبلي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي گڏيل قومن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي افتتاحي سيشن ۾ شرڪت، ڊونلڊ ٽرمپ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم جي واکاڻ

مزید خبریں
نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي افتتاحي سيشن ۾ وفد سان گڏ شريڪ ٿيو جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افتتاحي سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي واکاڻ ڪئي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب جنرل اسيمبلي اجلاس جي افتتاحي سيشن کي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خطاب دوران جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ موجود هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ شاندار شخصيت آهي. بعد ۾ وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.










