پاڪستان ۽ فرانس پاران سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ طئي ٿيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري گڏيل پڌرنائي موجب پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ …

اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ فرانس سيڪيورٽي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي رابطن جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جي اٺين اجلاس ۾ طئي ٿيو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري گڏيل پڌرنائي موجب پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جي اجلاس ۾ دفاع واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد علي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته فرانسيسي وفد جي قيادت دفاع ۽ قومي سلامتي (ايس جي ڊي ايس اين) بابت سيڪريٽري جنرل نڪولس روشي ڪئي. اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ 2022ع ۾ پيرس ۾ گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جي ٿيندڙ ستين دور جي دوران بحث هيٺ ايندڙ معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڌرين پاڪستان فرانس ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ (2023ع) موجب تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ايندڙ اسٽاف ڳالهه ٻولهه دفاعي تعاون جو جائزو وٺڻ ۽ ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ رابطا جاري رکڻ جو موقعو فراهم ڪندي. وفدن علائقائي سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڀرندڙ سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ امن جي فروغ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي ۽ منشيات جي اسمگلنگ، سامونڊي قزاقي ۽ سرحد پار منظم ڏوهن جي ٻين قسمن سميت لاڳاپيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. پاڪستان فرانس گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن سيڪيورٽي ۽ دفاعي معاملن تي مشاورت جي لاءِ هڪ اداراجاتي طريقيڪار آهي جيڪو گڏيل دلچسپي جي معاملن تي باقاعده خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گڏيل سيڪيورٽي ڪميشن جو ايندڙ اجلاس گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي فرانس ۾ منعقد ٿيندو.

مزید خبریں