پشاور - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڱاري ڏينهن ريڊيو پاڪستان پشاور جي جديد ترين نئين بحال ٿيل ۽ مرمت ٿيل عمارت جو افتتاح ڪيو. 10 مئي 2023ع تي پي ٽي آءِ جي پُرتشدد جٿي پاران عمارت کي باهه لڳائڻ کانپوءِ بحالي جو اهو منصوبو 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان رڪارڊ 5 مهينن ۽ 26 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. …
اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ريڊيو پاڪستان پشاور جي جديد ترين نئين بحال ٿيل عمارت جو افتتاح ڪري ڇڏيو، خيبرپختونخواهه بهادر ماڻهن جي سرزمين آهي، 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن پي ٽي آءِ جي “ناپاڪ ارادن” کي بي نقاب ڪيو: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
پشاور – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اڱاري ڏينهن ريڊيو پاڪستان پشاور جي جديد ترين نئين بحال ٿيل ۽ مرمت ٿيل عمارت جو افتتاح ڪيو. 10 مئي 2023ع تي پي ٽي آءِ جي پُرتشدد جٿي پاران عمارت کي باهه لڳائڻ کانپوءِ بحالي جو اهو منصوبو 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان رڪارڊ 5 مهينن ۽ 26 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) پشاور جي جديد ترين، نئين مرمت ٿيل عمارت جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا، اطلاعات ۽ خيبرپختونخواهه معاملن جي لاءِ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان، صوبائي اسيمبلي ميمبر ملڪ طارق اعواڻ کانسواءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جا ٻيا سينيئر اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي بي سي سعيد احمد شيخ ٻڌايو ته بحالي جو منصوبو 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان رڪارڊ پنج مهينا ۽ 26 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيو آهي. هن چيو ته 10 مئي 2023ع جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ پي بي سي پشاور تان نشريات 26 ڪلاڪن جي اندر بحال ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پي بي سي پشاور کي 14 آگسٽ 1947ع تي پشتو ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ پاڪستان جي آزادي جي اعلان کي نشر ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل آهي. ان تاريخي عمارت جو افتتاح 1985ع ۾ ٿيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه بهادر ماڻهن جي زمين آهي. هن چيو ته ڪوهاٽ ڌماڪي جي هڪ زخمي کيس ٻڌايو ته هو دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ڌماڪي جي هڪ ٻئي شهيد فهيم الله جي والد پڻ پنهنجي پٽ جي شهادت تي اطمينان ۽ فخر جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس پٽ پاڪستان جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي آهي. هن ان کي ساراهه جوڳو جذبو قرار ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي 13 سال ۽ 6 مهينن جي حڪومت جي باوجود نه ته اسپتالون ۽ نه ئي اسڪول گهربل پئماني تي تعمير ڪيا ويا جڏهن ته صوبي کي پٺتي رکيو ويو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ترقي ۽ خوشحالي تي يقين رکي ٿي. هن دانش اسڪولن جي نيٽ ورڪ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه ۽ تباهي تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان پشاور تي ان بري مقصد سان حملو ڪيو ويو هو ته جيئن خيبرپختونخواهه جي ماڻهن کي قابل اعتماد معلومات ۽ معياري تفريح تائين پهچ کان محروم ڪري سگهجي. هن چيو ته 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن پي ٽي آءِ جي “ناپاڪ ارادن” کي بي نقاب ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام انهن عنصرن کان واقف آهي جن ريڊيو پاڪستان پشاور کي باهه لڳائي، ڪارگل جنگ جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي مجسمي کي نقصان پهچايو ۽ لاهور ۾ جناح هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي مجسمي جي بي حرمتي مذمت جوڳي آهي، سندس بهادري جو اعتراف دشمن فوج به ڪيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اين ايف سي تحت اربين رپين جا فنڊز حاصل ڪرڻ جي باوجود پشاور ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ پوليس کي مضبوط بڻائڻ ۽ فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صوبائي حڪومت جي طرز عمل تي به سوال اٿاريو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جو مقابلو ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي جيڪا اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان وقت تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي جيستائين خيبرپختونخواهه مان آخري دهشتگرد جو خاتمو نه ٿو ٿي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير اعلان ڪيو ته چاغي جبل جي يادگار کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تي 9 مئي جي حملي دوران ساڙيو ويو هو، ان کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ موٽرويز جو نيٽ ورڪ ڦهلائڻ کانسواءِ ڪوهاٽ ٽنل پڻ تعمير ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي بدران پنهنجي سياست کي قيدي جي آزادي تائين محدود ڪري رکيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جا ڊاڪٽرز صحت جي بهتر سهولتن جي ڪري پيشيواراڻي پريڪٽس جي لاءِ پنجاب منتقل ٿي رهيا آهن ڇو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحت جو نظام مختلف چئلينجز جو شڪار آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نعرن يا سوشل ميڊيا پروپئگنڊه جي ذريعي عوام کي گمراهه نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ بابت ڪيسن جو فيصلو رڳو عدالتون ئي ڪنديون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي مجوزه احتجاج دوران ڪنهن به پرتشدد گروهه کي اسلام آباد ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ غيرقانوني کاڻين جي کوٽائي ۽ ڪاٺ جا ٺيڪا ڏيڻ ۾ ملوث عنصرن جو احتساب ڪيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر اختيار ولي خان چيو ته 6 مهينن کان به گهٽ وقت ۾ رڪارڊ مدي جي اندر پي بي سي پشاور جي بحالي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته اهو وقت ويجهو آهي جڏهن مسلم ليگ (ن) هڪ ڀيرو ٻيهر خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهيندي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير نئين مرمت ٿيل ريڊيو پاڪستان جي عمارت جي مختلف شعبن بشمول ان جي ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ بحالي جي ڪم جي معيار کي ساراهيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي بي سي سعيد احمد شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ريڊيو پاڪستان جي عمارت جي بحالي جو منصوبو 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان رڪارڊ 5 مهينن ۽ 26 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيو آهي. هن چيو ته 10 مئي 2023ع جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ پي بي سي پشاور تان نشريات 26 ڪلاڪن جي اندر بحال ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پي بي سي پشاور کي 14 آگسٽ 1947ع تي پشتو ۽ اردو ٻنهي زبانن ۾ پاڪستان جي آزادي جي اعلان کي نشر ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل آهي. ان تاريخي عمارت جو افتتاح 1985ع ۾ ٿيو هو. ريڊيو پاڪستان پشاور اسٽيشن 1935ع ۾ برطانوي راڄ دوران قائم ڪئي وئي هئي ۽ ان کي پي بي سي لاهور سان گڏجي قومي نشرياتي اداري تان پاڪستان جي آزادي جو اعلان نشر ڪرڻ جو منفرد اعزاز حاصل آهي.











