جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاجن ۾ فرق آهي، پي ٽي آءِ جي تاريخ پُرامن رهڻ جي نه آهي، هڪ ڏينهن جي ڌرڻي سان پاڪستاني قوم کي اٽڪل 120 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو: اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي پريس ڪانفرنس

پشاور - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاجن ۾ فرق آهي، پي ٽي آءِ جي تاريخ پُرامن رهڻ جي نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو واضح حڪم آهي ته شهرين جي اچ وڃ ۽ چُرپر ۾ خلل نه وڌو ويندو، معيشت کي نقصان نه پهچايو ويندو، هڪ ڏينهن جي ڌرڻي …

پشاور – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاجن ۾ فرق آهي، پي ٽي آءِ جي تاريخ پُرامن رهڻ جي نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو واضح حڪم آهي ته شهرين جي اچ وڃ ۽ چُرپر ۾ خلل نه وڌو ويندو، معيشت کي نقصان نه پهچايو ويندو، هڪ ڏينهن جي ڌرڻي سان پاڪستاني قوم کي اٽڪل 120 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو جنهن سان واپاري، دڪاندار، پگهاردار طبقو، ايڪسپورٽرز ۽ صنعتڪار متاثر ٿين ٿا، سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پشاور ۾ ڪري سگهجي ٿو ۽ مطالبا عوام آڏو رکي سگهجن ٿا، ان جي لاءِ اسلام آباد اچڻ ضروري نه آهي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت کي صوبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، گذريل 13 سالن کان انهن جي حڪومت آهي پر ڪو خاطرخواهه ترقياتي ڪم نظر نه آيو، صوبي جا وسيلا احتجاجي جلسن جلوسن تي اڏايا پيا وڃن، فرانزڪ ليبارٽريز جي لاءِ به خيبرپختونخواهه کي پنجاب جي مدد وٺڻي پوي ٿي، وفاق نيشنل ايڪشن پلان جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت کي اين ايف سي جي مد ۾ ساڍا 8 سئو ارب رپيا فراهم ڪيا جن جو ڪو رڪارڊ موجود نه آهي. هو اڱاري ڏينهن هتي پشاور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اڳوڻو گورنر ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اقبال ظفر جهڳڙا، اختيار ولي خان، ايم پي ايز طارق اعواڻ، جلال خان، علي خادم حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هن پنهنجي خيبرپختونخواهه جي دوري جي شروعات ڪوهاٽ کان ڪئي جتي هن ڪوهاٽ جي دل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن سان سي ايم ايڇ ڪوهاٽ ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته زخمين جا حوصلا ساراهه جوڳا هئا، خيبرپختونخواهه بهادر ماڻهن جي ڌرتيءَ آهي ۽ هنگو ۽ ڪوهاٽ واقعن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن دهشتگردي جي خلاف وڙهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هن ڪوهاٽ ۾ پوليس ڪانسٽيبل شهيد فهيم الله جي گهر وڃي سندس والد سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن پنهنجي اڪيلي پٽ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هن ڪوهاٽ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، چيمبر آف ڪامرس ۽ لائرز ايسوسيئيشن جي نمائندن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پشاور پريس ڪلب کي رپورٽنگ جي حوالي سان منفرد حيثيت حاصل آهي. افغان جنگ ۽ بعد ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي دوران دنيا جي وڏي صحافتي ادارن جا نمائندا پشاور ايندا رهيا آهن. هن چيو ته پشاور پريس ڪلب به دهشتگردي جو نشانو بڻيو ۽ ان واقعي ۾ ماڻهو شهيد ٿيا جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي صحافين به دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. وفاقي وزير دهشتگردي جي هٿان شهيد صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پشاور پريس ڪلب جي صدر سان ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته سروس دوران شهيد يا فوت ٿيندڙ ورڪنگ جرنلسٽس ۽ ميڊيا ورڪرز جي فهرست جوڙي وڃي، انهن جي خاندانن جي صورتحال ۽ لاڳاپيل ميڊيا ادارن پاران انهن جي سارسنڀال جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن انهن جي مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته ميڊيا ادارن کي سرڪاري اشتهار ڏنا وڃن ٿا، انهن سان به ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته جيئن شهيدن جي خاندانن جي ڪفالت جي لاءِ پئڪيج تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته شهداءِ پئڪيج دوران ۽ سروس دوران فوت ٿيندڙ صحافين جي لاءِ پئڪيج جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ويندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته صحافين جي هيلٿ انشورنس تي پڻ فوري طور تي ڪم ڪيو ويندو ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته پشاور جي ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ ان کي جلد کان جلد جاري ڪيو وڃي. هن پشاور پريس ڪلب جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پريس ڪلب قومي بيانيي ۽ قومي معاملن جي حوالي سان متوازن ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جڏهن ته هتان جا ورڪنگ جرنلسٽس پڻ قومي معاملن خاص طور تي دهشتگردي جي خلاف رپورٽنگ ۾ ڀرپور ڪردا ادا ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن گذريل ڏينهن اڪوڙه خٽڪ ۾ دارالعلوم حقانيه جو پڻ دورو ڪيو جتي متهمم مولانا راشدالحق ۽ جمعيت علماءِ اسلام (س) جي امير مولانا عبدالحق ثاني سان ملاقات ٿي. هن چيو ته پيغام امن ڪميٽي جو ڪوآرڊينيٽر علامه طاهر اشرفي ۽ سمورن مڪتبه فڪر جا عالم به اتي موجود هئا جن سان پيغام امن کي اڳتي وڌائڻ ۽ دين اسلام جي اصل روح موجب معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اڪوڙه خٽڪ جي دوري دوران مفتي محمد ادريس، مولانا حامد الحق ۽ مولانا سميع الحق شهيد جي لاءِ دعا ڪئي وئي ۽ جامعه جي مختلف حصن جو دورو پڻ ڪيو ويو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت جيڪا 9 مئي جي واقعي ۾ نذرآتش ڪئي وئي هئي، وزيراعظم جي هدايتن تي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪري ٻيهر فعال ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۾ جديد اسٽوڊيوز موجود آهن ۽ پشاور پريس ڪلب جا صحافي پوڊ ڪاسٽس جي لاءِ انهن اسٽوڊيوز مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ڊي جي ريڊيو پاڪستان کي هدايت ڪئي ته صحافين کي اسٽوڊيوز جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي طريقيڪار جوڙيو وڃي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان هڪ قومي اثاثو آهي ۽ ان جا دروازا صحافين جي لاءِ کليل آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو اعلان ريڊيو اسٽيشن لاهور تان ٿيو هو جڏهن ته پشتو زبان ۾ ان جو اعلان عبدالله جان ريڊيو پاڪستان پشاور تان ڪيو هو، ان جي لاءِ هي ادارو اسان جي قومي تاريخ جو اهم اثاثو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تعمير ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ساڍا 12 سال هڪ ڊگهو عرصو هوندو آهي، صوبي ۾ سٺي اسپتالن، يونيورسٽين، ڪاليجز، اسڪول، صحت جي سهولتن، صاف پاڻي، پُل ۽ رستن سميت ترقياتي منصوبن جي ضرورت آهي. هتي حڪومت جو ڌيان صحت، تعليم ۽ سماجي مسئلن تي هجڻ گهرجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطي جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ان کي ٻڌايو ته موٽرسائيڪل، چنگ چي، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي لاءِ پيٽرول ريليف ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته اهو اربين رپين جو ريليف آهي جيڪو پوري پاڪستان ۾ جاري آهي. هن چيو ته حافظ نعيم الرحمان لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته وزيراعظم جي وطن واپسي تي جماعت اسلامي جي قيادت جي ساڻس ملاقات پڻ ٿيندي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير چيو ته هو سٺو پارليامينٽرين آهي جڏهن ته اهو سوال موجود آهي ته ڇا ڪنهن فيصلي جو اختيار وٽس آهي يا ڪنهن فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو اختيار رکي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جا سرڪاري وسيلا عوام جا وسيلا آهن ۽ انهن کي سياسي احتجاج جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي احتجاج ۽ پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ فرق آهي. پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران عورت صحافين کي هراسان ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جا واقعا سامهون آيا. انهن جي تاريخ پرامن رهڻ جي نه آهي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران وفاق کان وسيلا نه ملڻ جو منفي بيانيو ٺاهيو ويو پر حقيقت اها آهي ته ڪائونٽر ٽيررازم جي مد ۾ اين ايف سي تحت صوبي کي هر سال حصو ملي ٿو. اين ايف سي 2010ع کان شروع ٿيو، هن سوال اٿاريو ته اين ايف سي تحت ملندڙ رقم کي امن امان تي ڪٿي خرچ ڪيو ويو ۽ ان جو حساب ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ تمر، ٽوبيڪو، مائنز اينڊ منرلز ۽ گولڊ سميت مختلف شعبن ۾ ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا، هتي غيرقانوني مائننگ ٿي رهي آهي، صوبائي حڪومت جو ڪو ڪنٽرول نه آهي. صوبائي حڪومت کي پنهنجي اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ غيرقانوني کاڻين جي کوٽائي جي روڪٿام تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ڪوهاٽ ٽنل تعمير ٿي، موٽرويز جو ڄار وڇايو ويو، بجلي جا منصوبا لڳايا ويا، ڊيم ٺاهيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبي ۾ حڪومت آهي، امن امان جي ذميواري ڪنهن جي هئي؟ لاهور جي ريگل چوڪ ۾ ڪيپٽن مبين شهيد ٿيو ته اتي سيف سٽي ڪئميرا جي مدد سان خودڪش بمبار جي هينڊلر کي گرفتار ڪيو ويو. دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن شين جي ضرورت هوندي آهي، صوبائي حڪومت ڪڏهن به سيف سٽي ڪئميرا لڳائڻ جي ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته ڪائونٽر ٽيررازم جو پئسو خيبرپختونخواهه حڪومت کي ملي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب کي اهو به نه ملي رهيو آهي. هن چيو ته مسئلو وسيلن جو نه نيت جو آهي، ليڊي ريڊنگ اسپتال کي پي ڪي ايل آءِ جهڙي اسپتال ٺاهي سگهجي پئي، هي چون ٿا ته امن امان اسان جي ذميواري نه آهي جڏهن ته وفاق کان فنڊز اچي رهيا آهن، تعليم، صحت، ترقياتي منصوبا انهن جي ذميواري نه آهي ته پوءِ هي ڇا جي لاءِ ويٺا آهن. هن چيو ته سالياني صوبائي ترقياتي فنڊز مان ايم پي ايز کي ٻه، ٻه ارب رپيا ملي وڃن ٿا، ڇا انهن فنڊز تي خيبرپختونخواهه جي عوام جو حق نه آهي، ڇا عوام جو حق نه آهي ته صوبي ۾ ليور ۽ ڪڊني ٽرانسپلانٽ قائم ٿين، هتي دانش اسڪول جهڙا اسڪول ٺهن، يونيورسٽيون، ڪاليج، پُل ۽ رستا ٺهي سگهن. هن چيو ته سڄو مسئلو نيت جو آهي، هي چون ٿا ته ترقي اسان جو مينڊيٽ نه آهي، انهن جو مينڊيٽ قيدي جي آزادي آهي ته ان جي لاءِ قانوني رستو اختيار ڪن، عدالت وڃن، اپيل ڪن، نظرثاني جي اپيل داخل ڪن. هن چيو ته انهن وٽ شاهه خرچين، سوشل ميڊيا ٽيمز ٺاهڻ ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ فنڊز آهن پر امن امان، تعليم، صحت جي لاءِ فنڊز نه آهن. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دستياب وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. هن صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته امن امان جي ذميواري پوري ڪري. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبي جي مدد جي لاءِ تيار آهي ۽ جتي ضرورت هجي تعاون ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ احتجاج جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو قانوني حڪم موجود آهي ته شهرين جي اچ وڃ ۽ چرپر ۾ خلل نه وڌو ويندو ۽ معيشت کي نقصان پهچڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي جي ڪري چين جي صدر جو دورو ملتوي ٿيو هو. هن چيو ته هڪ ڏينهن جي ڌرڻي سان پاڪستاني قوم کي اٽڪل 120 ارب رپين جو نقصان ٿئي ٿو جنهن سان واپاري، دڪاندار، پگهاردار طبقو، ايڪسپورٽرز ۽ صنعتڪار متاثر ٿين ٿا. هن چيو ته سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رستا بند ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن احتجاج ڪرڻو آهي ته پشاور ۾ ڪري سگهجي ٿو ۽ مطالبا عوام آڏو رکي سگهجن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ خوشي ۽ ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جون روايتون رهيون آهن جڏهن ته گذريل اٽڪل 15، 16 سالن ۾ سياست ۾ نفرت ۽ تشدد جو عنصر وڌيو آهي. پي ٽي آءِ جا ليڊر اسٽيج تان اهو اعلان ڪندا هئا ته شادين ۾ ناهي وڃڻو، انهن جي ڏک ۾ شريڪ ناهي ٿيڻو. هن چيو ته سياستدانن کي پنهنجي روين ۾ نرمي آڻڻي پوندي، اختلاف عزت سان ۽ تنقيد شائستگي ۽ تعميري انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ عورتن تي ڪيسز ٺاهڻ جي روايت وڌي وئي، عدالتن جي اندر ٽرائل هلايا ويا، هڪ ڌيءَ کي والد جي سامهون گرفتار ڪيو ويو، نيب جا ڪيسز ٺاهيا ويا جن جو ڪو نتيجو نه نڪتو. ايم پي او قانون جي حوالي سان سوال تي عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن نقص امن جو خدشو هجي ۽ حالتون خراب ٿيڻ جو امڪان هجي ته قانون تحت انتظاميا کي عارضي طور تي حراست جي قدمن جو اختيار حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسلام آباد کان پشاور ايندي کيس رستي جي ڀرپاسي ڪنٽينرز ضرور نظر آيا تنهن هوندي به رستو بند نه مليو. موٽرسائيڪلن جي رجسٽريشن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ڪوهاٽ جي هڪ پيٽرول پمپ تي هن اٽڪل 10 موٽرسائيڪل سوارن سان ڳالهه ڪئي، انهن مان ڪنهن هڪ موٽرسائيڪل تي به نمبر پليٽ نه هئي. هن چيو ته گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي رجسٽريشن ضروري آهي ته جيئن ڏوهن يا دهشتگردي جي واقعن ۾ انهن جي استعمال جي صورت ۾ ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز قربانيون ڏئي رهي آهي ته جيئن صوبو محفوظ ٿي سگهي. هن چيو ته وفاق اهو نه ٿو چوي ته امن امان جي مڪمل ذميواري صوبائي حڪومت تي آهي پر اهو ضرور چوي ٿو ته جيڪا ذميواري صوبائي حڪومت جي بڻجي ٿي اها پوري ڪئي وڃي. هن چيو ته هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي وقت صوبائي حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سيف سٽي ۽ سي ٽي ڊي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ تيار آهي. اٽي جي فراهمي جي حوالي سان سوال تي وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ گاڏين ۽ اٽي جي ٻورين جي ٽريڪنگ جو موثر نظام موجود نه هو جنهن جي ڪري ڪڻڪ ۽ اٽي جي پهچ ۾ بي ضابطگين جا امڪان رهندا هئا. هن چيو ته هاڻي چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام جوڙيو ويو آهي ته جيئن ضرورت پوري ٿئي ۽ اٽي جي نالي تي منافعي خوري نه ٿئي. افغانستان جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستن لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي ۽ خيبرپختونخواهه جي عوام به انهن جي لاءِ پنهنجي دل ۽ گهر کولي ڇڏيا. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ان ميزباني جو احسان ناهي جتايو جڏهن ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ ڳڻتي جو سبب آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي فلسطيني ميڊيڪل شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم ڏني پئي وڃي. افغانستان سان معاملا معمول تي اچڻ تائين لاڳاپيل پاليسي تي نظرثاني مشڪل هوندي.

مزید خبریں