اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت نئين آسان ٽيڪس اسڪيم ذريعي واپارين جي مطالبن تي عمل ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ۽ هاڻي دڪاندارن کي پنهنجي ئي تيار ڪيل اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻو آهي. هن اها ڳالهه دڪاندارن لاءِ آسان ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ آسان ٽيڪس …
حڪومت آسان ٽيڪس اسڪيم ذريعي واپارين جي مطالبن تي عمل ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي: بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي، ته حڪومت نئين آسان ٽيڪس اسڪيم ذريعي واپارين جي مطالبن تي عمل ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ۽ هاڻي دڪاندارن کي پنهنجي ئي تيار ڪيل اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻو آهي. هن اها ڳالهه دڪاندارن لاءِ آسان ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ آسان ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته واپاري اڳواڻن پاران ايف بي آر آفيسرن ۽ واپاري نمائندن جو بازارن جي گڏيل دورن جي حوالي سان مقامي واپاري نمائندن جون فهرستون ملي ويون آهن. مملڪتي وزير چيو ته واپاري نمائندن جي مدد سان هر دڪاندارن تائين آسان ٽيڪس اسڪيم جي ڄاڻ پهچائي وڃي. هن چيو ته واپارين جي مطالبن تي عمل ڪري حڪومت پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي دڪاندار پنهنجي ئي تيار ڪيل اسڪيم کي ڪامياب بڻائين. اجلاس ۾ واپاري نمائندن ۽ ايف بي آر آفيسر گڏجي پنهنجي لاڳاپيل علائقن جي بازارن ۾ رجسٽريشن جي حڪمت عملي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ٽرانسفارميشن جي ميمبر، ان لينڊ روينيو آپريشنز جي ميمبر ۽ ايف بي آر جي اعليٰ عملدارن کان علاوه سڄي ملڪ جي چيف ڪمشنرز ۽ ڪمشنرز ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته دڪاندارن وٽ آسان ٽيڪس اسڪيم ۽ پراڻي طريقي سان ٽيڪس جمع ڪرائڻ جا ٻئي آپشن موجود آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته واپاري نمائندن سان طئي ٿيل نقطن تحت ايف بي آر وٽ ٻئي آپشن استعمال نه ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ لڳائڻ جو اختيار موجود آهي. آسان ٽيڪس اسڪيم تحت ٻنهي آپشنز استعمال نه ڪندڙ دڪاندارن تي پهرين مهيني ۾ 10 هزار، ٻئي ۾ 25 هزار ۽ ٽئين مهيني ۾ 50 هزار روپيا ڏنڊ لڳائي سگهبو. دڪاندار ٽرن اوور جي بنياد تي فڪسڊ ٽيڪس ادا ڪندا يا معمول جا گوشوارا جمع ڪرائيندا. واضح رهي ته 15 سيپٽمبر تي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني آسان ٽيڪس اسڪيم ۾ رجسٽر ٿيل دڪاندارن جي دڪان تي سبز پليٽ لڳائي هئي، آسان ٽيڪس اسڪيم جو حصو بڻجندڙ دڪاندارن جي دڪان ۾ ايف بي آر جو عملو داخل نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي ڪا عام آڊٽ ٿيندي، ان اسڪيم جو بنيادي مقصد ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ دڪاندارن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي.










