سنڌ جي گورنر سان ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي جي ملاقات

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سامونڊي سلامتي، بليو اڪانومي ۽ پاڻي جي وسيلن جي اثرائتي استعمال بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته پاڪستان جا وسيع سامونڊي وسيلا ملڪي معيشت ۽ ترقي لاءِ اهم موقعا فراهم ڪن ٿا. بليو اڪانومي کي …

ڪراچي- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل محمد فيصل عباسي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سامونڊي سلامتي، بليو اڪانومي ۽ پاڻي جي وسيلن جي اثرائتي استعمال بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته پاڪستان جا وسيع سامونڊي وسيلا ملڪي معيشت ۽ ترقي لاءِ اهم موقعا فراهم ڪن ٿا. بليو اڪانومي کي هٿي وٺائڻ سان روزگار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سرگرمين جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي وسيلن جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال لاءِ مربوط حڪمت عملي ضروري آهي. سامونڊي وسيلن، ماهيگيري، ميري ٽائيم واپار ۽ سامونڊي پٽيءَ جي ترقي تي خاص ڌيان جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪي دفاع ۽ قومي سلامتي سان گڏ سامونڊي وسيلن جي تحفظ ۾ سامونڊي فوج جو ڪردار اهم آهي. گورنر پاڪستان جي سامونڊي سلامتي ۽ دفاع لاءِ سامونڊي فوج جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

مزید خبریں