نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثه صارفين جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٽوڪنائيزيشن اسرندڙ دنيا ۾ مالي شموليت جا طاقتور ذريعا بڻجي سگهن ٿا، مالي شموليت لاءِ صرف ٽيڪنالاجي نه، موثر نظام ۽ قاعدا به ضروري آهن، هن اها ڳالهه نيويارڪ ۾ گڏيل قومن …
پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثه صارفين جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي: مملڪتي وزير بلال بن ثاقب

مزید خبریں
نيويارڪ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) مملڪتي وزير ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثه صارفين جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، مصنوعي ذهانت ۽ ٽوڪنائيزيشن اسرندڙ دنيا ۾ مالي شموليت جا طاقتور ذريعا بڻجي سگهن ٿا، مالي شموليت لاءِ صرف ٽيڪنالاجي نه، موثر نظام ۽ قاعدا به ضروري آهن، هن اها ڳالهه نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سوشل بزنس، يوٿ اينڊ ٽيڪنالاجي فورم کي پنهنجي اهم خطاب ۾ چئي. پنهنجي خطاب دوران هن مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ٽوڪنائيزيشن جي اهميت تي تفصيلي روشني وڌي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ ٽوڪنائيزيشن اسرندڙ دنيا ۾ مالي شموليت جا طاقتور ذريعا بڻجي سگهن ٿا. دنيا ۾ 1.3 ارب نوجوان هاڻي به مالياتي نظام کان ٻاهر آهن، مالياتي نظام کان ٻاهر اٽڪل 90 ڪروڙ ماڻهن وٽ موبائيل فون موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن لاءِ واضح ريگوليٽري فريم ورڪ قائم ڪيو ويو آهي، ورچوئل ايسٽس ايڪٽ 2026ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ملڪ ۾ ورچوئل اثاثن لاءِ ريگوليٽري سينڊ باڪس ۽ لائسنسنگ نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثا صارفين جو انگ 4 ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جو صرف صارف نه پر ان کي بڻائيندڙ به بڻجڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ اڄ جي ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻو پوندو، پاڪستان ڊجيٽل اثاثن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مالي شموليت جو ويزن پيش ڪري ڇڏيو آهي.










