پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، مصر، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا پاران غزه ۾جاري انساني بحران تي ڳڻتي جو اظهار، اسرائيل جامع پلان جي پهرين مرحلي تحت پنهنجون التوا هيٺ زميواريون فوري طور تي پوريون ڪري: پڌرنامو

اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، مصر، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا غزه ۾ جاري انساني بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو جامع پلان جي پهرين مرحلي تحت پنهنجي التوا هيٺ ذميواريون فوري طور تي پوريون ڪري، انساني امداد ۽ شروعاتي بحالي جو سامان محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ غزه پهچائڻ کي يقيني بڻائي ۽ …

اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، مصر، قطر، اردن، گڏيل عرب امارات ۽ انڊونيشيا غزه ۾ جاري انساني بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته هو جامع پلان جي پهرين مرحلي تحت پنهنجي التوا هيٺ ذميواريون فوري طور تي پوريون ڪري، انساني امداد ۽ شروعاتي بحالي جو سامان محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ غزه پهچائڻ کي يقيني بڻائي ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪري. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزيرن غزه ۾ جاري انساني مصيبتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل تي زور ڀريو ته هو جامع منصوبي جي پهرين مرحلي تحت پنهنجون باقي رهيل ذميواريون فوري طور تي پوريون ڪري جن ۾ انساني امداد ۽ شروعاتي بحالي جو سامان فوري، محفوظ ۽ بنا رڪاوٽ پهچائڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ شامل آهي. هنن جنگبندي برقرار رکڻ ۽  سمورين خلاف ورزين جي خاتمي کي لازمي قرار ڏنو. پرڏيهي وزيرن زور ڀريو ته روڊ ميپ جامع منصوبي جو هڪ لازمي حصو آهي ۽ ان جي ٻئي مرحلي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ عملدرآمد جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ مڪمل اسرائيلي انخلا سان گڏ غيرهٿياربند ڪرڻ، عالمي استحڪام فورس (آءِ ايس ايف) جي مقرري، غزه جي انتظام جي لاءِ قومي ڪميٽي (اين سي اي جي) پاران پوري غزه جي پٽيءَ ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ ۽ پوري غزه ۾ شروعاتي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي شروعات شامل آهي. هنن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته اهي نيڪ نيتي سان ۽ بنا ڪنهن دير جي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. پرڏيهي وزيرن فلسطيني عوام کي انهن جي وطن مان بيدخل ڪرڻ يا جبري لڏپلاڻ تي مجبور ڪرڻ جي لاءِ کنيل ڪنهن به قدم يا والاريل فلسطيني علائقي جي علائقائي يا آبادياتي تشخص کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن ان ڏس ۾ اسرائيلي ڪنٽرول ۽ الحاق کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل غيرقانوني قدمن بشمول اسرائيلي آبادڪاري جي توسيع ۾ تيزي، زمين جي ضبطگي، فلسطيني گهرن کي ڊاهڻ، آبادڪارن جي تشدد ۽ دهشتگردي ۽ جبري لڏپلاڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن قدمن کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. هنن يروشلم ۾ مسلم ۽ مسيحي مقدس جاين جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي نقصان پهچائيندڙ قدمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزيرن غيرقانوني اسرائيلي بستين جي سرگرمين جي ردعمل ۾ برطانيا پاران تازن قدمن، وسيع تر قومي ۽ يورپي ڪوششن جي آجيان ڪئي جن ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين سان واپار روڪڻ جا قدم شامل آهن. پرڏيهي وزيرن اسرائيلي بستين جي توسيع جي خاتمي ۽ آبادڪارن جي تشدد تي جوابدهي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ موثر قدمن جو مطالبو ڪيو. هنن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته غزه فلسطيني سرزمين جو لازمي حصو برقرار رهڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته جامع منصوبي تي عملدرآمد سان اولهندي ڪناري بشمول اوڀر يروشلم ۽ غزه جي پٽيءَ جي ٻيهر اتحاد ۾ مدد ملڻ گهرجي جڏهن ته فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي استعمال ۽ هڪ خودمختيار، قابل عمل ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف هڪ قابل اعتماد ۽ ناقابل واپسي رستي جي راهه هموار ٿيڻ گهرجي جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻه رياستي حل تي عملدرآمد جي ذريعي ممڪن بڻايو وڃي. پرڏيهي وزيرن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت کي ساراهيو ۽ جامع منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۾ آمريڪا جي لازمي ڪردار تي زور ڏنو. هنن سمورين ڌرين بشمول اسرائيل، پاران پنهنجون ذميواريون ۽ واعدا پورا ڪرڻ ۽ روڊ ميپ تي عملدرآمد جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا جي مسلسل ۽ فعال شموليت جو مطالبو ڪيو. هنن زور ڀريو ته زميني سطح تي ٺوس اڳڀرائي بورڊ آف پيس جي ساک ۽ منصوبي جي اٿارٽي کي مضبوط ڪندي ۽ انتهائي ضروري رفتار پيدا ڪندي. پرڏيهي وزيرن جامع منصوبي ۽ ان جي روڊ ميپ تي مڪمل عملدرآمد کي اڳتي وڌائڻ، فلسطيني عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، انهن جي خودمختياري جي حق ۽ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حق کي پورو ڪرڻ ۽ خطي ۾ منصفاڻي، پائيدار ۽ جامع امن جي لاءِ آمريڪا، بورڊ آف پيس، فلسطيني اٿارٽي ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين سان گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں