لاڙڪاڻو- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج الطاف حسين دايو جي عدالت ۾ 6 سال اڳ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي بهرام ٿاڻي جي حد درگاهه حاڪم شاهه لنڪ روڊ تي …
لاڙڪاڻو: دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج الطاف حسين دايو جي عدالت ۾ 6 سال اڳ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي بهرام ٿاڻي جي حد درگاهه حاڪم شاهه لنڪ روڊ تي ٿيل پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار وزير علي مگسي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار ديدار علي مگسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. واضع رهي ته جنوري 2020ع دوران بهرام ٿاڻي جي حد درگاهه حاڪم شاهه لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ ڏوهارين جي فائرنگ ۾ بهرام ٿاڻي جو پوليس اهلڪار وزير علي مگسي شهيد ٿيو هو. اهڙي واقعي جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت جوابدارن صدام مگسي، ديدار علي مگسي مٿان داخل ڪيو ويو هو.










