اسلام آباد - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 سالن تائين جي عمر وارن سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو جي خاتمي وارين ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ …
والدين 5 سالن تائين جي عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين: عائشه رضا فاروق

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق والدين کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 سالن تائين جي عمر وارن سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو جي خاتمي وارين ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو ته 21 کان 27 سيپٽمبر تائين ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ ذيلي قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جاري آهي، جنهن دوران 3 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻارن تائين پهچ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. عائشه رضا فاروق چيو ته هاڪاري ماحولياتي نمونن ۾ گهٽتائي سٺو سنئوڻ آهي، جڏهن ته پوليو جو خطرو مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو، جيستائين پوليو وائرس دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موجود آهي، هر ٻار تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائڻي پوندي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي وارين ٽيمن جا ورڪر ڏکين ۽ چئلينجنگ حالتن باوجود ٻارن جي تحفظ لاءِ گهر گهر وڃي رهيا آهن. والدين پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ پنهنجي پنجن سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي هر مهم دوران پوليو کان بچاءَ جا قطرا ضرور پيارين. وزيراعظم جي فوڪل پرسن عالم سڳورن، ميڊيا، ڪميونٽي اڳواڻن ۽ والدين کي به اپيل ڪئي ته هو پوليو جي خاتمي واري مهم جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ۽ معاشري ۾ پوليو ويڪسين جي اهميت جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪن. هن چيو ته هر ٻار کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ اسان سڀني جي قومي ذميواري آهي، والدين ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي تعاون سان ملڪ کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو.











