فٽبال جي عالمي باڊي فيفا جي اندروني نظام جي آزاداڻي جائزي ۽ سڌارن تي ڳالهين لاءِ تيارآهيان: جاني انفنٽينو

زيورخ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا ڪائونسل  جي ميمبرن ۽ سڀني قومي ايسوسيئيشن ڏانهن موڪليل خط ۾ جاني انفينٽينو واضح ڪيو آهي ته هي غير جانبداراڻو عمل فيفا ۾ امڪاني بهتري جون سفارشون تيار ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايندڙ مهيني ٿيندڙ ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ فيفا جي صدر جاني انفينٽينو ان ڳالهه تي به مشاورت جي تجويز ڏني آهي ته فيصله سازي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيئن بڻايو وڃي. ان مشاورت ۾ صدر جي ڪردار، شفافيت، شموليت ۽ …

زيورخ- 22 سيپٽمبر (اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا ڪائونسل  جي ميمبرن ۽ سڀني قومي ايسوسيئيشن ڏانهن موڪليل خط ۾ جاني انفينٽينو واضح ڪيو آهي ته هي غير جانبداراڻو عمل فيفا ۾ امڪاني بهتري جون سفارشون تيار ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايندڙ مهيني ٿيندڙ ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ فيفا جي صدر جاني انفينٽينو ان ڳالهه تي به مشاورت جي تجويز ڏني آهي ته فيصله سازي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيئن بڻايو وڃي. ان مشاورت ۾ صدر جي ڪردار، شفافيت، شموليت ۽ اهم اسٽريٽجڪ منصوبن ۾ جوابدهي کي وڌائڻ جون تجويزون شامل هونديون. اها اڳڀرائي جاني انفينٽينو تي ‘فيفا فارورڊ انٽرپرائز’ (ايف ايف اي) جي رد ٿيل منصوبي کان پوءِ شديد دٻاءَ جو نتيجوآهي. ان منصوبي تحت  ورلڊ ڪپ ۽ ٻين اهم مقابلن جي واپاري حقن جا شيئرز  خانگي  سيڙپڪارن کي وڪڻڻ جي تجويز هئي، جنهن تي سڄي  دنيا مان  سخت رد عمل سامهون آيو هو . پنهنجي خط ۾ هڪ ٽياڪڙي وارو لهجو اختيار ڪندي، فيفا جي صدر لکيو ته هن هي خط لکڻ کان اڳ سڀني ڌرين کي غور سان ٻڌو آهي  ۽ هاڻي هو سڀني ڪنفيڊريشن ۽ قومي ايسوسيئيشنز سان باضابطه صلاح مشورو ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ايف ايف اي منصوبي سان   فيفا جو راند بابت  فيصلن تي  اختيار کي ختم نه ٿيڻو هو ، پر بغير مڪمل پس منظر جي آيل خبرن شڪ پيدا ڪيا هئا. خط هڪ اهڙي وقت تي آيو آهي جڏهن يوئيفا ۽ ڪونڪاڪاف فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته فيفا کان سڀني 211 ميمبرن کي 10 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ  جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته يوئيفا پڻ تڪرار تي آمريڪي عدالتن ۾ قانوني ڪارروائي جي تياري شروع ڪري ڇڏي هئي. فيفا صدر جاني انفينٽينو مارچ 2027ع ۾ چوٿون ڀيرو صدارت لاءِ چونڊ وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو، انهن سڌارن جي قدمن ذريعي ميمبرن جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. فيفا جي نائب صدر ۽ انگلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن جي چيئر پڻ هن مهيني انفينٽينو کان تڪراري منصوبي بابت سمورا دستاويز جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو .  فيفا ڪائونسل جو اجلاس 15 آڪٽوبر تي  ٿيندو  جڏهن ته جاني انفينٽينو مارچ 2027ع ۾ فيفا جي صدر جي حيثيت سان چوٿين مدي لاءِ چونڊجڻ جو ارادو رکي ٿو. سندس امڪاني مخالف اميدوارن کي متبادل اميدوار سامهون آڻڻ لاءِ 18 نومبر تائين جو وقت ڏنو ويو آهي. انفينٽينو چيو ته فيفا جي ڪاميابي فٽبال جي ترقي ۽ ميمبر ايسوسيئيشن جي حمايت ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ پرعزم رهي پر اهم فيصلن جي تياري، جائزو وٺڻ ۽ منظوري جي عمل کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

مزید خبریں